چيمپيئنز ٽرافي: انگلينڊ کي لاڳيتو ٽِين شڪست، ڏکڻ آفريڪا سيمي فائنل ۾ پهچي ويو

Spread the love

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) چيمپيئنز ٽرافي جي يارهين ميچ ۾ ڏکڻ آفريڪا انگلينڊ کي 7 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي.
ڪراچي جي نيشنل اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ دوران انگلينڊ، ڏکڻ آفريڪا کي کٽڻ لاءِ 180 رنسن جو هدف ڏنو، جيڪو پروٽيز 30 هين اوور ۾ 3 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو.
رسي وين ڊر ڊوسن 72 رنسن جي ناقابلِ شڪست اننگز کيڏي، جڏهن ته هينرڪ ڪلاسن 64 ۽ ريان رڪلٽن 24 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا.
انگلينڊ طرفان جوفرا آرچر 2 جڏهن ته عادل رشيد 1 وڪيٽ حاصل ڪئي.
ان کان اڳ انگلينڊ ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو، جيڪو غلط ثابت ٿيو.
انگلش ٽيم کي شروع کان ئي ڏکيائين جو منهن ڏسڻو پيو، وڪيٽن ڪِرڻ جو سلسلو جاري رهيو ۽ پوري ٽيم 39 هين اوور ۾ 179 رنسن تي ڍير ٿي وئي.
انگلش ٽيم طرفان جوءِ روٽ سڀ کان وڌيڪ 37 رنسون ٺاهيون، جڏهن ته جوفرا آرچر 25، بين ڊڪيٽ 24 ۽ جوز بٽلر 21 رنسون ٺاهيون.
ڏکڻ آفريڪا طرفان مارڪو يانسين ۽ ويان ملڊر 3-3، جڏهن ته ڪيشو مهاراج 2، نيگيڊي ۽ ڪگيسو رباڊا 1-1 وڪيٽ ورتي.
واضح رهي ته انگلينڊ جي ٽيم هن ٽورنامينٽ ۾ پنهنجي ٽين ميچ هارائي وئي۽ هو ڪا به پوائنٽ حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهي، جڏهن ته پاڪستان ۽ بنگلاديش جون ٽيمون برسات سبب 1-1 پوائنٽ حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب رهيون.

مارچ 1, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو