چيمپيئنز ٽرافي لاءِ ڀارتي ٽيم پاڪستان ڇو نه آئي؟ وڪرانت گپتا سبب ٻڌائي ڇڏيو

لاهور (ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي لاءِ پاڪستان آيل ناليواري ڀارتي صحافي وڪرانت گپتا ڀارتي ٽيم جي پاڪستان نه اچڻ جا سبب بيان ڪري ڇڏيا.
وڪرانت گپتا پاڪستان جي سينيئر ڪرڪيٽرن سان گڏ هڪ نجي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ شرڪت ڪئي، جتي هن کان ڀارتي ٽيم جي پاڪستان نه اچڻ بابت سوال ڪيو ويو. ان تي هن چيو ته ”مان هتي اڪيلو آيو آهيان، انڪري منهنجي ڪا اهميت نه آهي، پر ڀارت جي پوري ٽيم آهي، جنهن جي وڌيڪ اهميت آهي.“
هن وڌيڪ وضاحت ڪندي چيو ته”جيڪڏهن ڀارتي ٽيم چيمپيئنز ٽرافي لاءِ نه اچي رهي آهي ته مون کي ان جو صحيح سبب معلوم ناهي، پر رڳو اهو چوڻ صحيح نه هوندو ته ٽيم پاڪستان ۾ غير محفوظ آهي، اصل مسئلو اهو به آهي ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپا بهتري ڏانهن نه وڌيا آهن.“
وڪرانت گپتا جو چوڻ هو ته ”جڏهن ٻنهي پاسن کان ڪا به ڪوشش ئي ناهي ٿي ته اهو ڪيئن ممڪن آهي ته بس چپٽي وڄائڻ سان سڀ ڪجهه ٺيڪ ٿي ويندو؟“