پاڪستان ۾ رمضان ڪڏهن کان شروع ٿيندو؟ امڪاني تاريخ سامهون اچي وئي

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسپيس اينڊ اَپر ايٽموسفيئر ريسرچ ڪميشن ملڪ ۾ رمضان المبارڪ جو چنڊ نظر اچڻ جي حوالي سان اڳڪٿي ڪري ڇڏي.
سپارڪو ترجمان موجب پاڪستان ۾ رمضان المبارڪ 2 مارچ 2025 کان شروع ٿيڻ جو امڪان آهي.
ترجمان ٻڌايو ته نئون چنڊ 28 فيبروري 2025 تي پاڪستاني وقت موجب صبح 5 لڳي 45 منٽن تي پيدا ٿيندو، 28 فيبروري تي سج لٿي وقت چنڊ جي عمر 12 ڪلاڪ هوندي.
سپارڪو ترجمان چيو ته سعودي عرب ۾ 28 فيبروري تي چنڊ نظر اچي سگهي ٿو، سعودي عرب ۾ رمضان پهرين مارچ کان شروع ٿيندو.
ترجمان وڌيڪ چيو ته شوال جو چنڊ 30 مارچ تي نظر اچڻ جو امڪان آهي ۽ عيدالفطر 31 مارچ تي ٿي سگهي ٿي.
ترجمان واضح ڪيو ته رمضان جي چنڊ جي حوالي سان حتمي فيصلو مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي ڪندي.

فيبروري 24, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو