ڏوڪري: ساڃاھھ وند ڌرين پاران خوني تڪرار جي ٿيل جرڳي تي عمل ڪرائڻ جو مطالبو
ڏوڪري (رپورٽر) ڏوڪريءَ ۾ راڌڻ واسي پورهيت رحيم بخش بروهي صحافين آڏو دانهيندي مطالبو ڪيو آهي ته راڌڻ ويجهو ڳوٺ بهرام خان بروهيءَ ۾ ٿيل خوني تڪرار جي ٿيل جرڳي تي عمل ڪرائي وڌيڪ نقصان ٿيڻ کان بچايو وڃي. ڏوڪري پريس ڪلب ۾ صحافين آڏو دانهيندي راڌڻ ويجهو ڳوٺ بهرام خان بروهيءَ جي رهواسي رحيم بخش بروهي چيو ته چار ورهيه اڳ زمين جي معاملي تان بروهي برادريءَ جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو هو جنهن ۾ اسان جا 3 ڄڻا مارجي ويا هئا ۽ هڪ زخمي ٿي پيو هو،
جنهن جو لاڙڪاڻي ۾ پ پ اڳواڻ ۽ اڳوڻي صوبائي صلاحڪار محمد امين مينگل جي سرپئنچي ۾ نبيرو ٿيو هو. فيصلي ۾ مخالف ڌر مٿان 3 خونن ۽ هڪ زخميءَ جو هڪ ڪروڙ 30 لک رپيا ڏنڊ وڌو ويو هو جيڪو کين ٻن قسطن ۾ ادا ڪرڻو هو پر هن وقت تائين ان تي عمل نه ٿي سگهيو آهي.
هن چيو ته اهڙي فيصلي تي عمل ڪرائڻ لاءِ اڄ جڏهن لاڙڪاڻي ۾ محمد امين مينگل وٽ وياسين ته هن مٿن زور ڀريو ته في الحال ڏھ لکن عيوض ڪيس تان هٿ کڻو جنهن بعد بقايا ڏنڊ جي رقم توهان کي ڏياري ويندي. رحيم بخش بروهيءَ جو چوڻ هو ته امين مينگل سندن مخالف ڌر سان سهڪار ڪري رهيو آهي ۽ کين غيرضروري طور تي زور ڀري رهيو آهي ته هو ڪيس تان هٿ کڻن.
هن چيو ته هن خوني تڪرار ۾ سندن 3 ڄڻا مارجي چڪا آهن جڏهن ته هڪ ڄڻو زخمي ٿيو آهي ۽ ان جي باوجود به محمد امين مينگل کين انصاف ڏيارڻ جي بدران سندن مخالفن کي رعايتون ڏياري رهيو آهي. پورهيت رحيم بخش بروهيءَ مطالبو ڪيو ته وس وارا هن معاملي جو نوٽيس وٺن ۽ سندن ضايع ٿيل جانين جو ازالو ڪندي کين انصاف ڏيارين، ڇو ته هو نه ٿا چاهين ته سندن ايندڙ نسل به هٿن ۾ هٿيار کڻي، جڏهن ته جيڪڏهن ساڻن انصاف نه ٿيو ۽ ٿيل فيصلي تي عمل نه ڪرايو ويو ته وڌيڪ جانيون ضايع ٿيڻ جو خطرو آهي.
جُون 20, 2023