پاڪ – ڀارت ٽاڪرو، بابر اعظم وڏو اعزاز ماڻي ورتو

دبئي (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو اڳوڻو ڪپتان بابر اعظم ڀارت خلاف ميچ ۾ وڏو اسڪور ته نه ڪري سگهيو پر هن هڪ اهم اعزاز ماڻي ورتو.
بابر اعظم آءِ سي سي ون ڊي ٽورنامينٽ ۾ هزار رنسون مڪمل ڪندڙ ٽيون پاڪستاني بيٽر بڻجي ويو آهي، اهو ڪارنامو هن ڀارت خلاف ميچ ۾ چوٿين اوور دوران هرشيت رانا کي چوڪو هڻي انجام ڏنو.
واضح رهي ته بابر اعظم آءِ سي سي ون ڊي ايونٽس ۾ پنهنجون هزار رنسون 24 اننگز ۾ مڪمل ڪيون، ان کان اڳ پاڪستان جو ليجنڊ اوپنر سعيد انور 25 اننگز ۾ 1204 ۽ جاويد ميانداد 30 اننگز ۾ 1083 رنسون ٺاهي چڪو آهي.