عورت جي آزادي: حقيقت يا غلاميءَ جو نئون چهرو؟
ياسمين چانڊيو
“مون سمجهيو هيو ته زنجيرون ٽٽي پيون، پر خبر پئي ته رڳو رنگ بدليا ويا آهن، پهرين هٿ ٻڌايا ويا، هاڻي ذهنن تي زنجير وڌايا ويا آهن .”عورت جي آزاديءَ بابت وڏا وڏا واعدا، تقريرون، ۽ نعرا لڳن ٿا، پر حقيقت اها آهي ته جيستائين سماج جي سوچ غلام رهندي، تيستائين عورت جي آزادي به رڳو خواب رهندي. ڪجهه ملڪن ۾ عورتن کي مڪمل آزادي مليل آهي، جتي هوءَ پنهنجي تعليم، نوڪري، ۽ زندگيءَ بابت پاڻ فيصلا ڪري سگهي ٿي، پر ڪيترن ئي ملڪن ۾ عورت جي آزادي رڳو نالي ماتر آهي. ڪجهه حالتون اڳ کان به وڌيڪ خراب ٿي ويون آهن. عورتن لاءِ آزاديءَ جا دروازا کوليا ويا، پر انهن دروازن جي ٻاهران بنا ڪنهن تحفظ جي اڪيلو بيهاري ڇڏيون ويون. اڄ به ڪيترائي معاشرا عورت جي آزاديءَ کي صحيح مفهوم ۾ سمجهي نه سگهيا آهن، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو آهي ته آزاديءَ جا نعرا لڳن ٿا، پر عملي طور تي عورت کي استحصال ۽ ناانصافين جو شڪار ٿيڻ لاءِ ڇڏي ڏنو ويو آهي.
ڇا واقعي عورتون آزاد ٿيون؟
جيڪڏهن اسان دنيا جي مختلف ملڪن جو جائزو وٺون، ته اسان کي عورت جي آزاديءَ بابت ٻه مختلف تصويرون نظر اينديون:ناروي، سوئيڊن، ۽ فنلينڊ – انهن ملڪن ۾ عورتن کي مڪمل قانوني ۽ سماجي آزادي مليل آهي. هو پنهنجون سياسي پارٽيون ٺاهي سگهن ٿيون، ڪاروبار هلائي سگهن ٿيون، نوڪريون ڪري سگهن ٿيون، ۽ سڀ کان اهم ڳالهه ته سماج به هنن جي آزاديءَ کي قبول ڪري ٿو.ڪئناڊا ۽ جرمني – هتي عورتن کي نه رڳو قانوني حق ڏنا ويا آهن، پر عملي طور تي سندن تحفظ به يقيني بڻايو ويو آهي. انهن ملڪن ۾ عورتن کي بهترين تعليم، مساوي اجرت، ۽ هراسان ڪرڻ خلاف سخت قانوني تحفظ مليل آهي.
نالي ماتر آزادي جا مثال
پاڪستان، ڀارت، ۽ افغانستان – هتي عورتن لاءِ ڪيترائي قانون ته موجود آهن، پر انهن تي صحيح طريقي سان عمل نٿو ٿئي. مثال طور، پاڪستان ۾ هر سال هزارين عورتون غيرت جي نالي تي قتل ڪيون وڃن ٿيون، پر سزا جي شرح تمام گهٽ آهي.ايران ۽ سعودي عرب – هتي عورتن لاءِ ڪجهه حد تائين ترقيءَ جا موقعا وڌايا ويا آهن، پر اڃا به سندن آزادي محدود آهي. مثال طور، سعودي عرب ۾ عورتن کي ڊرائيونگ جي اجازت ملي، پر اڃا به مردن جي اجازت بنا گهڻيون شيون نٿيون ڪري سگهن.
آزادي يا استحصال؟
اسان کي اهو به ڏسڻو پوندو ته ڪٿي ڪٿي عورت جي آزاديءَ کي استحصال لاءِ استعمال ڪيو ويو آهي. مثال طور، مغربي ملڪن ۾ عورتن کي ظاهري طور تي ته برابر جا حق ڏنا ويا آهن، پر اتي عورت کي هڪ واپاري شيءِ جيان پيش ڪيو وڃي ٿو. فحاشي، ماڊلنگ، ۽ مارڪيٽنگ ۾ عورتن جو استحصال عام آهي.
سوال اهو آهي ته: “جيڪڏهن هڪ سماج ۾ عورت جي آزاديءَ جو مطلب فقط جسماني نمائش ٿي وڃي، ته ڇا اها به غلاميءَ جي هڪ نئين شڪل ناهي؟”ڇا صرف قانون ٺاهڻ ڪافي آهي؟ اسان وٽ ڪيترن ئي ملڪن ۾ عورتن لاءِ سٺا قانون موجود آهن، پر انهن تي عمل نه ٿو ڪيو وڃي. مثال طور: ريپ خلاف قانون
گهڻن ملڪن ۾ سخت سزائون آهن، پر حقيقت ۾ هزارين ريپ ڪيس رپورٽ ئي نٿا ٿين، ڇو ته عورتن کي انصاف ملڻ جو ڪو يقين ناهي.برابريءَ جي اجرت – اڄ به ڪيترن ئي ملڪن ۾ عورتن کي مردن جي ڀيٽ ۾ گهٽ اجرت ملي ٿي، جيتوڻيڪ سندن ڪم ساڳيو ئي هوندو آهي.
گھر ۾ تشدد خلاف قانون
ڪيترن ئي ملڪن ۾ عورتن کي گهر اندر تشدد جو شڪار ٿيڻ باوجود انصاف نٿو ملي، ڇو ته پوليس ۽ عدالتون عورت کي تحفظ ڏيڻ ۾ ناڪام رهيون آهن.حقيقي آزادي ڪيئن ممڪن آهي؟تعليمي شعور – جيستائين سماج ۾ تعليم عام نه ٿيندي، تيستائين عورتن لاءِ آزاديءَ جو تصور بي معنيٰ رهندو. تعليم رڳو پڙهڻ لکڻ نه، پر شعور پيدا ڪرڻ جو نالو آهي.قانون تي سخت عمل – رڳو قانون ٺاهڻ ڪافي ناهي، پر انهن تي عمل به ڪرائڻو پوندو. جنسي تشدد، استحصال، ۽ ناانصافيءَ خلاف سخت سزائون لاڳو ڪرڻيون پونديون
. سماجي سوچ ۾ تبديلي
عورت جي آزاديءَ کي ڇڙواڳيءَ سان ملائڻ بند ڪيو وڃي. عورت کي آزاديءَ سان پنهنجي زندگيءَ جا فيصلا ڪرڻ ڏنا وڃن، پر ساڳئي وقت سماجي قدرن کي به برقرار رکيو وڃي. معاشي خودمختياري – عورتن کي معاشي طور تي خودمختيار ڪرڻ لازمي آهي ته جيئن هوءَ ڪنهن تي به دارومدار ڪرڻ بدران پنهنجي زندگيءَ جا فيصلا پاڻ ڪري سگهي.
“مان آزاد ته ٿيس ، پر رستا بند مليا،
در کوليا ويا، پر منهنجي پيرن ۾ زنجيرون جڪڙيل رھيون ،
مان تعليم ته ماڻي، پر نوڪريءَ ۾ گهٽ اجرت ملي،
مون آزاديءَ جا خواب ڏٺا، پر سماج جا قانون ساڳيا غلام ئي رهيا،
هي ڪهڙي آزادي آهي؟ ڪهڙي انصاف جي ھت ڳالهه ڪئي وئي آهي؟”عورت جي آزاديءَ جو تصور، سماج جي مجموعي آزاديءَ سان جُڙيل آهي. جيستائين پورو سماج ذهني غلاميءَ مان آزاد نه ٿيندو، تيستائين عورتن لاءِ به ڪا به حقيقي آزادي ممڪن نه ٿيندي. اسان کي نعرن کان اڳتي وڌي، حقيقي قانوني، سماجي، ۽ معاشي تبديليون آڻڻيون پونديون، ته جيئن آزادي فقط هڪ خواب نه، پر حقيقت بڻجي سگهي.
“جيستائين غلام سماج ۾ آزاديءَ جا نعرا لڳندا رهندا، تيستائين حقيقت ۾ ڪا به آزادي نه ايندي.” سدا زنجيرن ۾ جڪڙيل آ، ڏکن جي نديءَ ۾ ٻڏل آ،
سچ چوڻ جي ساڃاهه وڃائي، ڳالهائڻ ڇڏي وئي آ،
آزاديءَ جا خواب ڏٺا، پر زخم ئي مليا،
جنهن تي ھلڻ سکيو !، سا راهه به گم ٿي وئي.
قانون ته ٺهيا، پر قيد خانه ڇڏيائون نه،
ساڳيا ڍنگ، ساڳيا ڦٽ، زخمن کي ڀريائون نه،
چيائون “تون آزاد آهين”، پر زنجيرون ڳري نه سگهيون،
سجاڳيءَ جا ڏيئا وسايا، راتيون ڪاريون ئي رھيون!
ناحق جي زوال ۾ هر وار عورت ٿي،
انصاف جا در بند، ويتر آزمائش ٿي،
هيءَ آزادي ته نالي ماتر، حقيقي ناهي،
جيستائين سوچ نه بدلي، حقيقت جاڳي ناهي.
آزاديءَ جو سج تڏهن اُڀرندو،
جڏهن غلاميءَ جو اڏيل هر قلعو ڊهي پوندو..
فيبروري 23, 2025