ڊاڪٽر آڪاش انصاري جو قتل: سماجي ۽ نفسياتي ڪارڻ

Spread the love

منصور احمد جمالي

منهنجي هن ليگ جو مقصد ڪنهن به طرح سان ڊاڪٽر آڪاش جي قاتل جي پاسداري ڪرڻ يا سندس عمل کي صحيح ثابت ڪرڻ نه آهي پر منهنجو مقصد صرف ۽ صرف ان جا سماجي ۽ نفسياتي ڪارڻ ڄاڻڻ ۽ انهن تي ڌيان ڇڪائڻ جي ننڍڙي ڪوشش ڪرڻ آهي. ڊاڪٽر آڪاش انصاري جو قتل هڪ المناڪ واقعو آهي، جيڪو سماجي ۽ نفسياتي لحاظ کان انتهائي غور طلب آهي. اهڙا واقعا صرف ذاتي نه پر اجتماعي مسئلا هوندا آهن، جيڪي اسان جي معاشري جي اخلاقي قدرن، خانداني نظام ۽ نفسياتي صحت تي اثرانداز ٿين ٿا.

هن ليک ۾، اسان انهيءَ واقعي جا بنيادي سبب، ان جا اثر، ۽ ان کان بچڻ لاءِ تجويزون پيش ڪنداسين. ڊاڪٽر آڪاش انصاري جيڪو پيشي جي لحاظ کان ڊاڪٽر هو پر سندس سڃاڻپ هڪ مزاحمتي انقلابي شاعر ، اديب ، صحافي ۽ سماج سڌارڪ شخص طور هئي. افسوسناڪ طور تي پنهنجي ئي گهر ۾ قتل ٿي ويو. شروعات جانچ موجب سندس ئي نپايل پٽ سندس قاتل نڪتو. آخرڪار اهڙا ڪهڙا سبب هئا جن سندس نپايل پٽ پنهنجي ئي والدکي قتل ڪيو. بظاهر ته هن جي قتل جو سبب ذاتي لاڳاپن ۽ تڪرارن کي ٻڌايو پيو وڃي، جتي جذباتي ڇڪتاڻ انتهائي قدم کڻڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو.

اطلاعن موجب ڊاڪٽر آڪاش جو نپايل پٽ وشال نشي جو عادي آهي جيڪو ٻين مختلف نشن سان گڏ آئيس جهڙي خطرناڪ نشي جو عادي آهي. منشيات جي واپرائڻ سان نفسياتي بيمارين جو خطرو وڌي ٿو، خاص طور تي ڊپريشن، انگزائٽي، ۽ پرتشدد رويو. ڊاڪٽر آڪاش انصاري جو پٽ، جيڪو ڪيترن ئي منشيات جو عادي هو، انهن نفسياتي تبديلين جو شڪار هو، جنهن سبب هن جو رويو انتهائي خطرناڪ ٿي ويو.منشيات جو استعمال نه رڳو جسماني صحت کي نقصان پهچائيندو آهي، پر اهو مختلف نفسياتي بيمارين جو سبب به بڻجي سگهي ٿو. خاص طور تي: بائي پولر ڊس آرڊر: منشيات جي مستقل واپرائڻ سان موڊ ۾ تمام گھڻيون تبديليون ٿينديون آهن، جنهن سبب ماڻهو ڪڏهن انتهائي خوش ۽ ڪڏهن ڏکاري حالت ۾ رهي ٿو. سائڪوسس: منشيات جي اثر هيٺ ماڻهو حقيقي دنيا ۽ ظاهري موجودگي کان ٻاهر نڪري وڃن ٿا، انهن کي اهڙا آواز ٻڌڻ ۽ شيون ڏسڻ شروع ٿين ٿيون جيڪي حقيقي نه هونديون آهن. ذهني ڌيان جو گهٽجڻ: منشيات جو استعمال شعوري صلاحيتن جهڙوڪ سوچڻ ، سمجھڻ ۽ پرکڻ جي صلاحيتن کي ڪمزور ڪري ٿو، جنهن سان فيصلا ڪرڻ جي صلاحيت متاثر ٿئي ٿي. ڏوهاري روين جي واڌ: ڪيترائي منشيات استعمال ڪندڙ پرتشدد رويا اختيار ڪن ٿا، جيڪي خاندان ۽ سماج لاءِ خطرناڪ ثابت ٿين ٿا. اسان جي سماج ۾ جذباتي تڪرارن کي صحيح نموني حل ڪرڻ جو رجحان گهٽ ڏسڻ ۾ اچي ٿو. گهرن ۾، اسڪولن ۾، ۽ ٻين ادارن ۾، اسان کي اهڙن معاملن کي سمجھڻ ۽ انهن کي حل ڪرڻ جي صلاحيت پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي.

ڏٺو وڃي ته اڻ سڌريل معاشرن ۾ نفسياتي مدد حاصل ڪرڻ رجحان تمام گهٽ هوندو آهي، جنهن سبب ماڻهو جذباتي حالت غلط قدم کڻي وٺن ٿا. ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي پٽ پاران پوليس کي ڏنل بيان موجبت  ته هو ننڍپڻ کان وٺي نفسياتي دٻاءُ هيٺ رهيو. سندس چوڻ مطابق، هو مسلسل پنهنجي والد (Bullying) جو شڪار رهيو. ڊاڪٽر آڪاش کيس “حرامي” جهڙا لفظ چوندو هو، ۽ ٻيا مائٽ پڻ ساڳي ريت سندس تذليل ڪندا هئا. اهو رويو هن جي نفسياتي صحت تي شديد اثرانداز ٿيو، جنهن سبب هو غلط صحبت ۾ هليو ويو جڏهن ته ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي ٻين گھر ڀاتين مطابق لطيف کي سندس والدين طرفان کيس بيحد لاڏ ڪوڏ مليو، کيس بنا ڪنهن حساب ڪتاب جي رقم ڏني ويندي هئي، پر ساڳي وقت، هن جي سرگرمين تي نظر نه رکي وئي. هن جي نشي جي عادت وڌڻ جو سبب نه فقط منشيات هئي، پر والدين طرفان بنا ڪنٽرول جي پئسو مهيا ڪرڻ ۽ ان جي صحيح رهنمائي نه ٿيڻ به هو. جيڪڏهن والدين پنهنجي اولاد تي نظر کڻ سان گڏوگڏ انهن جي اخلاقي تربيت به ڪن، ته اهڙا المناڪ واقعا روڪي سگهن ٿا. ماڻهو عام طور تي پنهنجي احساسن کي دٻائي ڇڏيندا آهن، ۽ جڏهن اهي جذبات هڪ حد کان وڌي وڃن، ته نتيجو انتهائي خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿو. خانداني مسئلا، ذهني دٻاءُ، ۽ ڊپريشن اهڙا عنصر آهن، جيڪي انسان کي خطرناڪ فيصلا ڪرڻ تي مجبور ڪن ٿا. ڊاڪٽر آڪاش انصاري جو قتل پڻ انهن سببن مان هڪ مثال ٿي سگهي ٿو، جتي شايد ڪنهن فرد کي پنهنجي نفسياتي دٻاءُ جو حل قتل جهڙي انتهائي قدم ۾ نظر آيو.
ڪوبه انسان معاشري کان الڳ ناهي، ۽ ان جا بنيادي رشتا ئي ان جي شخصيت جو تعين ڪن ٿا. جيڪڏهن اسان وٽ گھرن ۾ صحتمند ڳالهه ٻولهه جو ماحول هجي، ته ڪنهن به فرد جي اندر وڌندڙ ڪاوڙ يا مايوسي ختم ٿي سگهي ٿي. موجوده دور ۾، خانداني رشتن ۾ بي اعتمادي ۽ غير ضروري توقعات ماڻهن کي نفسياتي طور تي ڪمزور ڪري ڇڏين ٿيون، جنهن جو نتيجو اهڙن واقعن جي صورت ۾ سامهون اچي ٿو.

نفسياتي مدد: اسان جي سماج ۾ نفسياتي مدد وٺڻ کي اڃا به عيب سمجهيو ويندو آهي. جڏهن ته، ضروري آهي ته اهڙن مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ نفسياتي ماهرن سان صلاح مشورو ڪجي، جيئن جذبات کي ڪنٽرول ڪرڻ جي صلاحيت وڌي سگهي.

خانداني تربيت: والدين کي گهرجي ته اهي پنهنجن ٻارن سان ڪچهري ڪن ۽ کين صحتمند گفتگو جو عادي بڻائين، ته جيئن اهي پنهنجن مسئلن کي کليل نموني بيان ڪري سگهن. ڪاوڙ کي ڪنٽرول ڪرڻ سکڻ: اسڪولن ۽ ٻين تعليمي ادارن ۾ اينگر مئنيجمينٽ بابت ڪلاسز ۽ سيشن هئڻ گهرجن، جتي ماڻهن کي سيکاريو وڃي ته ڪاوڙ کي ڪيئن سنڀالجي. سماجي سهڪار: پاڙي ۽ ڪٽنب جو سهارو انتهائي اهم آهي. جيڪڏهن ڪنهن فرد کي مسئلا درپيش آهن، ته انهن کي اڪيلو نه ڇڏڻ گهرجي، پر ساڻس ڳالهايو وڃي، سندس مدد ڪئي وڃي. قانوني ۽ انتظامي قدم: حڪومت کي گهرجي ته ذهني صحت لاءِ پاليسيون ٺاهين، جتي ماڻهن کي آساني سان نفسياتي مدد ملي سگهي.

ڊاڪٽر آڪاش انصاري جو قتل اسان سڀني لاءِ هڪ سبق آهي ته اسان کي پنهنجي سماج ۾ نفسياتي مسئلن، خانداني قدرن، ۽ جذباتي صحت بابت وڌيڪ سنجيده ٿيڻ جي ضرورت آهي. جيڪڏهن اسان پنهنجن جذبن تي ڪنٽرول سکون، صحتمند لاڳاپا قائم ڪريون، ۽ سماجي سهڪار جو ماحول پيدا ڪريون، ته اهڙن افسوسناڪ واقعن کي گهٽائي سگهون ٿا. اميد آهي ته اسان جو معاشرو اهڙن المين مان ڪجهه سکڻ جي ڪوشش ڪندو ۽ اهڙي ذهنيت کي تبديل ڪرڻ لاءِ اڳتي وڌندو.

فيبروري 22, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو