پاڪستان سميت هر مخالف ٽيم کي مات ڏئي اڳتي وڌڻ چاهيون ٿا: روهت شرما

دبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان روهت شرما چيو آهي ته آءِ سي سي ٽورنامينٽ ۾ هر ٽيم فتح حاصل ڪرڻ لاءِ ايندي آهي.
بنگلاديش خلاف پهرين ميچ کان اڳ پريس ڪانفرنس دوران روهت شرما چيو ته ڀارتي ٽيم متوازن آهي ۽ اسپنرن ۽ آل رائونڊرز جي بهترين ڪامبينيشن سان ميدان تي لهنداسين.
پاڪ-ڀارت ٽاڪري بابت سوال تي ڀارتي ڪپتان جو چوڻ هو ته في الحال سڄو ڌيان پهرين ميچ تي آهي، ٽورنامينٽ ۾ هر ميچ اهميت رکي ٿي، هر ميچ کٽي اڳتي وڌڻ چاهيون ٿا.
هن وڌيڪ چيو ته دبئي جي حالتن موجب پاڻ کي ايڊجسٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون ۽ ٽيم سٺي شروعات لاءِ پرعزم آهي.