بلوچستان ۾ زلزلي جا لوڏا
قلات (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي قلات ضلعي ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا آهن.
قلات ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ٿيا، ريڪٽر اسڪيل تي زلزلي جي شدت 4.6 هئي، جڏهن ته زلزلو مرڪزي قلات جي ڏکڻ اولهه واري علائقي جي ويجهو آيو.
زلزلي سبب ماڻهن ۾ خوف ۽ حراس پکڙجي ويو، ڪيترائي ماڻهو ڪلمه طيبه پڙهندي گهرن کان ٻاهر نڪري آيا، جڏهن ته زلزلي سبب ڪنهن به قسم جي جاني نقصان جو اطلاع ناهي مليو.
