ايس ايس پي سکر پاران ڪچي واري علائقي جو دورو
سکر (رپورٽ: امداد گل ڪلوڙ) ايس ايس پي سکر اظھر خان مغل ڪچي جو دورو ڪيو ترجمان ايس ايس پي سکر موجب ايس ايس پي سکر اظھر خان مغل گزريل رات شڪارپور جي چڪ طرف سکر جي الف ڪچي واري علائقي جو دورو ڪيو دوري دوران کيس شھيد صحافي جان محمد مهر جي قتل ۾ ملوث جوابدار جي پناھ گاھ بابت بريفنگ ڏني وئي
جنهن بعد ايس ايس پي سکر ڪچي ۾ وڌيڪ پوليس پڪٽون قائم ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪندي چيو ته جوابدارن جي چرپر تي ڪرڙي نظر رکي وڃي ۽ داخلي ۔خارجي رستن تي چيڪنگ واري عمل کي سخت ڪيو وڃي۔ترجمان موجب ايس ايس پي سکر جو وڌيڪ چوڻ ھو ته شھيد جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاري اوليت ۾ شامل آھي
جوابدارن جي گرفتاري لاء جلد ڪاروائي شروع ڪئي ويندي۔ترجمان ايس ايس پي سکر موجب سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل وڊيو جو ايس ايس پي سکر نوٽيس وٺندي پنجاب کان آيل زائرين کان ڏھ ھزار رپيا رشوت وٺندڙ پوليس اهلڪارن شاهنواز مهيسر ۽ سڪندر ڪلهوڙو کي معطل ڪري ڪواٽر گهاٽ ڪرائي سندن خلاف جاچ ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آھي.
فيبروري 15, 2025