” مجهي ڪيون نڪالا ؟“ پارٽي مان نيڪاليءَ تي شير افضل جو سوال

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران شير افضل مروت سڀني جي ڌيان جو مرڪز بڻيل رهيو.
هن ايوان ۾ سوال اٿاريو ته هو پنهنجي ئي ساٿين کان پڇڻ چاهي ٿو ته کيس ڇو ڪڍيو ويو؟
شير افضل مروت جي ايوان ۾ داخلا تي حڪومتي ميمبرن ڊيسڪ وڄائيندي ”ڪيون نڪالا“ جا نعرا هنيا.
ان موقعي تي اسپيڪر پنجابي ۾ چيو ”ديکنا انون چڪ چڪا کي مروا نه دينا“، جنهن تي شير افضل مروت وراڻيو ”اوهان به ساٿ ڏيو.“
نون ليگ اڳواڻ حنيف عباسي خاطري ڪرائيندي چيو ته اسان اوهان سان گڏ آهيون، اوهان کي پي ٽي آءِ ۾ واپس اماڻينداسين.

فيبروري 14, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو