اُها بهترين فلم جيڪا اوهان هر هر ڏسڻ تي مجبور ٿي ويندئو

Spread the love

موسمياتي تبديليون اسان جي دور جو اُهو مسئلو آهي جيڪو گذرندڙ سال سان گڏ ڳڻتي جوڳو ٿي رهيو آهي ۽ زمين تي ان جا خراب اثر ظاهر ٿي رهيا آهن.

ته جيڪڏهن اسان حالتون بهتر بڻائڻ لاءِ ڪم نه ڪيو ته زمين جو ڪهڙو حشر ٿي سگھي ٿو؟

ان بابت ٺوس انداز سان ڪجهه چوڻ ممڪن ناهي ڇو جو اڃا ته رڳو اندازا لڳائي سگھجن ٿا، پر هالي ووڊ جي هڪ سائنس فڪشن فلم ۾ ان جي جهلڪي ڏسي سگھجي ٿي.

دلچسپ ڳالهه اها آهي ته فلم ۾ موسمياتي تبديلين جو نالو ناهي ورتو ويو پر جيڪي حالتون ڏيکاريون ويون آهن انهن کي موسمياتي بحران سان سلهاڙي سگھجي ٿو.

اها فلم انٽرسٽيلر آهي جيڪا 2014ع ۾ رليز ٿي هئي.

ان ۾ موسمياتي تبديلين سان گڏوگڏ وارم هول جي سائنس فڪشن تصور کي ڏيکاريو ويو آهي.

۾ فلم ۾ ميٿيو ميڪونگي، اين هيٿ وي، جيسيڪا چيسٽن ۽ ٻين نمايان ڪردار ادا ڪيا هئا.

ان کي هر دور جي بهترين سائنس فڪشن فلمن مان هڪ قرار ڏنو ويندو آهي.

جُون 18, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو