ملڪ جي 21 ضلعن جي ماحولياتي نمونن ۾ پوليو وائرس جي تصديق

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ جي 21 ضلعن جي ماحولياتي نمونن ۾ پوليو وائرس جي تصديق ٿي آهي.
پوليو روڪ پروگرام موجب بلوچستان جي 8 ضلعن جي ماحولياتي نمونن ۾ پوليو وائرس جي تصديق ٿي آهي.
زوب، نوشڪي، لسٻيلي، حب، خضدار، نصيرآباد ۽ ڊيرا بگٽي جي ماحولياتي نمونن ۾ پوليو وائرس جي تصديق ٿي آهي، انهن ضلعن مان ماحولياتي نمونا 8 کان 23 جنوري دوران حاصل ڪيا ويا هئا.
بلوچستان کانسواءِ ملڪ جي 13 ضلعن جي ماحولياتي نمونن ۾ به پوليو وائرس جي تصديق ٿي آهي، جن ۾اسلام آباد، چارسدا، پشاور، صوابي، ٽانڪ، بهاولپور، ڊي جي خان، جهنگ، لاهور، ملتان، رحيم يار خان، ڪراچي ايسٽ ۽ مظفر آباد شامل آهن.

فيبروري 9, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو