ملير : ڪيڊٽ ڪاليج ڪراچي جي ملازمن پاران احتجاجي ڌرڻو
ملير (ڊر) ڪيڊٽ ڪاليج ڪراچي جي ملازمن طرفان مطالبن جي مڃتا لاءِ ڪاليج جي مک گيٽ آڏو صبح کان شام تائين احتجاجي ڌرڻو، 12ڪلاڪ جاري ڌرڻي ۾ ساجد غلام جوکيو، پي پي اڳواڻ امداد جوکيو ، سماجي اڳواڻ يعقوب خاصخيلي ،مسلم ن اڳواڻ قادر ڪلمتي سميت سوين ڳوٺاڻن جي شرڪت، احتجاجي مظاهرين سان انتظاميا جون ڳالهيون ناڪام،
گذريل ستن سالن کان ڪاليج ۾ ڀرتي ڪيل سيڪيورٽي عملي سميت ٻين مقامي ملازمن کي پڪو نٿو ڪيو وڃي،پگهار نه وڌي مسلسل ناجائزيون ٿي رهيون آهن بار بار شڪايت جي باوجود انتظاميا ڪو به تحرڪ وٺڻ لاءِ تيار نه آهي جنهن خلاف پر امن احتجاج ڪرڻ تي مجبور آهيون
تفصيل موجب ڪيڊٽ ڪاليج ڪراچي جي ملازمن طرفان مطالبن جي مڃتا لاءِ ڪاليج جي مک گيٽ آڏو صبح کان شام تائين احتجاجي ڌرڻو هنيو ويو 12ڪلاڪ جاري ڌرڻي ۾ ساجد غلام جوکيو، پ پ اڳواڻ امدادجوکيو ،سماجي اڳواڻ يعقوب خاصخيلي ،مسلم ن اڳواڻ قادر ڪلمتي سميت سوين ڳوٺاڻن جي شرڪت ڪئي
ان موقعي سخت نعريبازي ڪئي ويئي اڳواڻن جو چوڻ هو ته احتجاجي مظاهرين سان انتظاميا جون ڳالهيون ڪيون پر هنن پگهارون وڌائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي مسئلا ٻڌائيندي ساجد غلام جوکيو، يعقوب خاصخيلي ۽ ملازمن صحافين کي ٻڌايو ته گذريل ستن سالن کان ڪاليج ۾ ڀرتي ڪيل سيڪيورٽي عملي سميت ٻين مقامي ملازمن کي پڪو نٿو ڪيو وڃي،پگهار نه وڌي آهي مسلسل ناجائزيون ٿي رهيون آهن بار بار شڪايت جي باوجود انتظاميا ڪو به تحرڪ وٺڻ لاءِ تيار نه آهي جنهن خلاف پر امن احتجاج ڪرڻ تي مجبور آهيون
هنن چيو ته سنڌ حڪومت پاران اعلانيل پگهار به نٿي ڏني وڃي موجوده مهانگائي جي دور ۾ گهٽ اجرت تي گهر هلائڻ مشڪل بڻجي ويو آهي، انتظاميا احتجاج کي نظر انداز ڪري جائز مطالبا مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي جنهن جي خلاف پر امن ڌرڻو هنيو ويو آهي هنن الزام هڻندي چيو ته ڪاليج پرنسپل احتجاج مظاهري جي اڳواڻي ڪندڙ مقامي سياسي سماجي اڳواڻ ساجد غلام جوکيو سان بدتميزي ڪري کيس ڌڪا ڏنا آهن
جيڪو انتهائي مذمت جوڳو عمل آهي هنن ڪيڊٽ ڪاليج ڪراچي انتظاميا ڪور ڪمانڊر ڪراچي سنڌ جي وڏي وزير سوڌو چيف جسٽس سنڌ کان اپيل ڪئي مقامي ملازمن سان انصاف ڪري کين پڪو ڪرڻ سميت سنڌ حڪومت پاران اعلانيل پگهار ڏياري وڃي
جُون 18, 2023