شاگردن لاءِ وڏي خوشخبري

Spread the love

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز ٻين صوبن جي شاگردن لاءِ ”هونهار اسڪالرشپ اسڪيم“ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.
جاري ڪيل بيان ۾ مريم نواز جو چوڻ هو ته پنجاب ۾ شاگردن لاءِ ليپ ٽاپ جو انگ وڌائي هڪ لک ڏهه هزار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ليپ ٽاپ ۽ هونهار شاگرد اسڪالرشپ ٻين صوبن جي شاگردن جو به حق آهي.
هن چيو ته آزاد ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ ٻين صوبن جا شاگرد پڻ اسان جا ٻچا آهن ۽ هونهار شاگرد اسڪالرشپ لاءِ جيڪو معيار پنجاب ۾ موجود آهي، اهو ئي ٻين صوبن جي شاگردن لاءِ به هوندو.
مريم نواز وڌيڪ چيو ته ميرٽ تي ايندڙ هر ٻار معياري ڪاليج ۾ داخلا وٺي فيس پنجاب حڪومت ادا ڪندي، اسان هر ٻار جي قسمت بدلائڻ چاهيون ٿا.

فيبروري 6, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو