تباهه ٿيل آبادگارن کي ٻيو جهٽڪو: زرعي آمدني تي 15 کان 45 سيڪڙو ٽيڪس لاڳو: اوڳاڙي ايس آر بي حوالي

Spread the love

ڪراچي(بيورو رپورٽ) سنڌ سرڪار خدشن باوجود زرعي آمدني تي 15 کان 45 سيڪڙو تائين ٽيڪس مڙهي ڇڏيو، سنڌ ڪابينا ۽ سنڌ اسيمبلي زرعي ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جي منظوري پڻ ڏئي ڇڏي، ساليانو 6 لک رپين تائين زرعي آمدني تي ٽيڪس ڇوٽ هوندي، ساليانو 56 لک رپين کان وڌيڪ زرعي آمدني تي ٽيڪس جي وڌ ۾ وڌ شرح 45 سيڪڙو هوندي. 50 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ آمدني تي 10 سيڪڙو سپر ٽيڪس پڻ لڳايو ويندو.

ڪارپوريٽ فارمنگ ڪندڙ وڏين ڪمپنين تي 29 ۽ ننڍين ڪمپنين تي 20 سيڪڙو ٽيڪس لاڳو ٿيندو. جنوري 2025ع يعني گذريل مهيني کان زرعي ٽيڪس لاڳو هوندو ٽيڪس اوڳاڙي ايف بي آر بجاءِ سنڌ روينيو بورڊ ( ايس آر بي) پاران ڪئي ويندي.

ن حوالي ڪالهه سنڌ سرڪار ڪابينا ميمبرن جي سخت خدشن باوجود زرعي آمدني تي 15 کان 45 سيڪڙو تائين ٽيڪس مڙهي ڇڏيو آهي. جنهن جي سنڌ ڪابينا ۽ سنڌ اسيمبلي منظوري به ڏئي ڇڏي.

سنڌ سرڪار جو چوڻ آهي ته سنڌ حڪومت ٽيڪس لڳائڻ نه پئي چاهيو پر آءِ ايم ايف۽ وفاقي سرڪار جي دٻاءُ ۽ فرمائش تي زبردستي ٽيڪس لڳرايو ويو آهي. ڪالهه صبح جو 9 وڳي کان شروع ٿيل  سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ زرعي آمدني تي ٽيڪس لڳائڻ جي ڪابينا ميمبرن کان منظوري ورتي وئي،

جنهن بعد سنڌ اسيمبلي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ قانون ۽ پارلياماني معاملن واري وزير ضياالحسن لنجار پاران زرعي آمدني تي ٽيڪس وارو بِل پيش ڪيو ويو، بِل پيش ٿيڻ تي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھه زرعي پيداوار تي ٽيڪس واري بل بابت اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي چيو ته اسان کي چيو ويو ته زرعي ٽيڪس نه لڳايو ويو ته آءِ ايم ايف ٽيم نه ايندي، ملڪ  جو ڏيوالو نڪري ويندو، وفاق پنهنجي ناڪامي سبب آءِ ايم ايف کي زرعي ٽيڪس وارو رستو ڏيکاريو آهي  

هن چيو ته ٽيڪس اوڳاڙي تي جتي ايف بي آر کان ڪوتاهيون ٿيون، اتي ڪوتاهيون ايس بي آر کان به ٿيون، اسان زرعي ٽيڪس جو حدف 6 ارب رکيو، هڪ ارب رپيا وصول ڪري چڪا هئاسين، اسان کي چيو ويو ته زرعي ٽئڪس ايف بي آر وٺندي، جنهن تي  اسان چيو ته ايف بي آر ته پاڻ ڪرپشن جو ڳڙهه آهي، ايف بي آر پنهنجي ناڪامي لڪائڻ لاءِ  چيو ته صرف زرعي شعبو آهي، جنهن تي ٽئڪس لاڳو ناهي.

اسان کي چيو ويو ته ايف بي آر زرعي ٽيڪس اوڳاڙيندو، جنهن تي اسان چيو هي صوبائي معاملو آهي. شهيد بينظير ڀٽو به چيو هو ته سيلز ٽيڪس صوبا اوڳاڙين. هن چيو ته اسان ٽيڪس لڳائڻ کان اڳ وفاق کي چيو ته 15 کان 45 سيڪڙو هڪدم ٽيڪس نه وڌايو وڃي. سنڌ کي پاڻي ڏيڻ ۾ توهان کي ڇا ٿو ٿئي؟ اسانکي  چيو وڃي ٿو ته زمين تي ٽيڪس ڏنو وڃي. اسان کي سوچڻو پوندو ته مُلڪ ۾ اسان اهڙي صورتحال ڏانهن ته نه ٿا وڃون،

جنهن ۾ فوڊ سيڪيورٽي جو مسئلو سامهون اچي وڃي؟ دريائن تي ڊيم بڻجڻ سان به سنڌ جي هزارين ايڪڙ زمين بنجر بڻجي رهي آهي،

هر قانون ۾ بهتري جي گنجائش موجود هوندي آهي، زرعي انڪم ٽيڪس لاءِ به قانون موجود آهي، هن بل بابت مون وفاقي حڪومت ۽ وزيراعظم سان ڪيترائي دفعا ڳالهايو ته ائين نه ڪريو، هاڻي چيو ويو آهي ته آئي ايم ايف ڪري ٽيڪس لاڳو ڪرڻو پوندو. وڏي وزير سيد مراد علي شاھه چيو ته اسان جو روينيو کاتو ٽيڪس صحيح طرح وصول نه پيو ڪري سگهي، مون سميت سعيد غني، سردار شاھه، ناصر شاھه ۽ ڪيترائي وزير زرعي ٽيڪس ڏين ٿا. ٻيا طريقا اختيار ڪري اسيمبلي ۾ اچڻ وارن کان اسان وڌيڪ ٽيڪس ڏيندا آهيون.

ٽيڪس هجڻ گهرجن، هر ماڻهو تي هجڻ گهرجي، ٽئڪس ته پهريان  به هئا پر اوڳاڙي بهتر ڪرڻي هئي پر آءِ ايم ايف سان معاهدو ڪري ٽيڪس وڌائڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي؟ هن چيو ته ٽيڪس لڳائڻ تي خوش نه ٿيڻ گهرجي حڪومت هلائڻ لاءِ ٽيڪس لڳائڻا پوندا آهن،

ڪيترا زميندار آهن جن کي پڪ هجي ٿي ته انهن جي آمدني ٿيندي.؟  مستقبل ۾ هن زرعي ٽيڪس تي ٻيهر نظرثاني ڪرڻي پوندي نه ته اڳتي هلي وڏا مسئلا پيدا ٿيندا. هن چيو ته پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري هارين لاءِ بينظير هاري ڪارڊ متعارف ڪرايو، اسان پنهنجي هارين ۽ آبادگارن کي سپورٽ ڪندا رهنداسين. سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ اجلاس دوران زرعي پيداوار تي ٽيڪس لاڳو ڪرڻ واري بِل تي ڳالهائيندي چيو ته زراعت تي ٽيڪس پهريان ئي لاڳو آهي، اسان 30 سالن کان زرعي ٽيڪس ڏيندا رهيا آهيون، 

اهو تاثر حقيقتن جي ابتڙ آهي ته زراعت وارا ٽيڪس نه ڏيندا هئا ۽ ٻين شعبن وارا ٽئڪس ڏيندا آهن، حقيقت ۾ هر شعبي ۾ ٽيڪس نه ڏيندڙ ماڻهو موجود آهن. هن چيو ته زراعت سان لاڳاپيل ڪجهه ماڻهو ٽيڪس نه ڏيندا هئا ڪجهه صنعتڪار به ٽيڪس نه ڏيندا آهن،

اسان سنڌ نه پر سڄي  ملڪ جي ڳالهه ڪريون ٿا ته زراعت تي ٽيڪس نه وڌڻ گهرجي، هن چيو ته وفاقي سرڪار صوبن سان صلاح ڪرڻ بنا ڪنهن ٻئي جي چوڻ تي آءِ ايم سان معاهدو ڪري ڇڏيو، زرعي ٽيڪس صوبائي معاملو آهي هي ٽيڪس آبادگارن تي بار آهي جنهن جا اصولي طور مخالف آهيون. ڇاڪاڻ ته ٻين صوبن هي ٽيڪس لاڳو ڪيو آهي، انڪري مجبور آهيون.  اڳ ۾ به زراعت تي 15 سيڪڙو ٽيڪس هو.

صوبائي وزير سعيد غني زرعي پيداوار تي ٽيڪس واري بل تي ڳالهائيندي چيو ته پگهارن تي ٽئڪس لڳو تڏهن ته اسان آواز اٿاريو هو ته ان کي لاڳو نه ڪيو وڃي، اهو تاثر غلط هو ته زراعت تي انڪم ٽيڪس ئي ناهي، اها ڳالهه صحيح آهي ته انهي ٽيڪس جي اوڳاڙي جو نظام ٺيڪ نه هو، اميد ڪريون ٿا ته وفاقي حڪومت زرعي آمدني تي ٽيڪس گهٽائيندي. بعد ۾ سنڌ اسيمبلي زرعي پيداواري ٽيڪس لاڳو ڪرڻ وارو بِل منظور ڪري ورتو.

فيبروري 5, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو