سنڌ اسيمبلي جي پارلياماني سال جا 100 ڏينهن مڪمل: ڪشميرين سان يڪجهتي جو ٺهراءُ منظور
ڪراچي(بيورو رپورٽ) سنڌ اسيمبلي مان ڪشميرين سان ايڪي ۽ ڀارتي جبر توڙي بربريت خلاف گڏيل ٺهراءُ منظور ڪيو ويو، ايوان ۾ پاڪ فوج جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ ۽ نياز اسٽيڊيم حيدرآباد ۾ عالمي ڪرڪيٽ ميچ ڪرائڻ جو ٺهراءُ منظور ڪيو ويو. ڪالهه اسيمبلي جي پارلياماني سال جي ڪارروائي جا 100 ڏينهن مڪمل ٿي ويا، ايوان ۾ پيپلز پارٽي جي هير سوهو ڪشميري عوام سان يڪجهتي ۽ خراج تحسين پيش ڪرڻ وارو ٺهراءُ پيش ڪيو،
جنهن جي ايم ڪيو ايم، جماعت اسلامي ۽ پي ٽي آءِ حامي آزاد ميمبرن حمايت ڪندي پاڻ به ايوان ۾ ٺهراءُ پيش ڪيو، سنڌ اسيمبلي پاڪ فوج جي شهيدن کي به خراج تحسين پيش ڪندي دهشتگردن خلاف جنگ وڙهڻ کي ساراهيو، سنڌ اسمبلي ۾ ايم ڪيو ايم ميمبر صابر قائمخاني ٺهراءُ پيش ڪندي مطالبو ڪيو ته حيدرآباد جي نياز اسٽيڊيم ۾ عالمي سطح جون ڪرڪيٽ ميچز ڪرايون وڃن،
اهو ٺهراءُ پڻ متفقه طور منظور ڪيو ويو، اجلاس کي خطاب ڪندي تعليم واري وزير سردار شاھه چيو ته اردو ڳالهائيندڙن کي اردو ڳالهائيندڙ سنڌي سڏيندو آهيان، ڪشمير انڊس ويلي سولائيزيشن (سنڌو ماٿر جي تهذيب ) جو حصو رهيو آهي، تاريخي لحاظ کان 80 سيڪڙو پاڪستان انڊس ويلي جو حصو رهيو آهي، اسان چئون ٿا ته اقوام متحده جي ٺهراءُ تي عمل ڪيو وڃي،
ڪشمير جي مسئلي کي تاريخي پسمنظر تحت انڊس ويلي سولائيزيشن جي حصي طور ڪليم ڪيو وڃي. معدني وسيلن بابت ميمبرن جي سوالن جا جواب معدني وسيلن جي وزير سردار شاهه بجاءِ پارلياماني سيڪريٽري يوسف بلوچ پاران ڏيڻ تي ايم ڪيو ايم ميمبرن اعتراض ورايو جنهن تي صوبائي وزير سعيد غني ۽ هير سوهو ايوان ۾ وضاحت ڏيندي چيو ته رول نمبر 50 موجب پارلياماني سيڪريٽري جواب ڏئي سگهي ٿو، ج
نهن بعد ايم ڪيو ايم جي صابر قائمخاني چيو ته اڳوڻي اسپيڪر آغا سراج ايوان کي بهتر هلايو، اپوزيشن کي سٺو ۽ گڏ هلايو. جنهن جي جواب ۾ اڳوڻي اسپيڪر آغا سراج دراني چيو ته نوجوان ميمبر وڏي محنت ڪري اچن پيا، ننڍين ننڍين ڳالهين تي وقت ضايع نه ڪرڻ گهرجي. هن ڊپٽي اسپيڪر کي مخاطب ٿيندي چيو ته اپوزيشن کي وڌيڪ وقت ڏنو وڃي. ايوان ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته پارلياماني سال جا 100 ڏينهن مڪمل ٿيڻ تي مبارڪون ڏيان ٿو،
هن چيو ته هڪ سال دوران پراڻي ايوان ۾ اجلاس ناهي ڪيو ويو، جتي قائد اعظم قسم کنيو، لياقت علي خان پهريون وزير اعظم ٿيو، نوان ميمبر به هن ايوان ۾ شرڪت ڪندا ته کين پراڻي ياد ايندي جنهن تي ڊپٽي اسپيڪر چيو ته ڪوشش ڪبي ته ايندڙ سيشن پراڻي عمارت ۾ ڪجي.
