چئلينجز جي خبر آهي، بلوچستان ۾ امن خراب ڪرڻ نه ڏبو، هندستاني اڳرائيءَ جو پوري طاقت سان جواب ڏينداسين: آرمي چيف

Spread the love

راولپنڊي(م ڊ) آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته پاڪ فوج ملڪي خودمختياري ۽ سلامتي جي دفاع لاءِ مڪمل طور تيار آهي، بلوچستان جو امن خراب ڪرڻ جي ڪنهن کي به اجازت نه ڏني ويندي، ڀارتي فوج جا کوکلا بيان سندن وڌندڙ مايوسي جي نشاندهي ڪن ٿا، پاڪستان ڪنهن به اڳرائي جو مڪمل طاقت سان جواب ڏيندو.

چئلينجن کان آگاهه آهيون.  ڊي جي آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته آرمي چيف جنرل عاصم منير جي صدارت هيٺ267هين ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ٿي، جنهن ۾  پاڪ فوج، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ شهرين جي قربانين کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي.

پاڪ فوج جي ترجمان موجب فورم آڏو خطرن جو جائزو وٺندي علائقائي ۽ اندورني سلامتي جي منظرنامي تي غور ڪيو.

فوجي قيادت ڪنٽرول لائن ۽ ورڪنگ بائونڊري جي صورتحال تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس، ڪشميرين سان ٻڌيءَ جي ڏهاڙي جي مناسبت سان ڪشميري عوام سان ٻڌيءَ جو اظهار پڻ ڪيو، فوجي قيادت، والاريل ڪشمير  ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين جي مذمت ڪئي ۽  ڀارتي ڏاڍ کي خطي جي امن ۽ استحڪام لاءِ سنگين خطرو قرار ڏنو.

ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس کي خطاب ڪندي آرمي چيف چيو ته پاڪ فوج ملڪي خودمختياري ۽ سلامتي جي دفاع لاءِ مڪمل طور تيار آهي.

هن چيو ته ڀارتي فوج جا کوکلا بيان سندن وڌندڙ مايوسي جي نشاندهي ڪن ٿا، پاڪستان ڪنهن به اڳرائي جو جواب مڪمل طاقت سان ڏيندو.آرمي چيف چيو ته ڀارت طرفان اهڙا بيان انساني حقن جي ڀڃڪڙين تان پنهنجي عوام ۽ عالمي برادريءَ جو ڌيان هٽائڻ جي ڪوشش آهي.

فيبروري 5, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو