”هي سڀ کان وڏي پرچي آهي“ فهيم اشرف جي سليڪشن تي شوقين تپي باهه ٿي ويا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) چيمپيئنز ٽرافي جي اسڪواڊ ۾ آل رائونڊر فهيم اشرف کي شامل ڪرڻ تي شوقين سليڪشن ڪميٽي تي ڏمرجي پيا.
گذريل ڏينهن چيمپيئنز ٽرافي لاءِ 15 رڪني پاڪستاني اسڪواڊ جو اعلان ڪيو ويو هو، جنهن ۾ محمد رضوان (ڪپتان)، سلمان علي آغا (نائب ڪپتان)، بابر اعظم، فخر زمان، ڪامران غلام، سعود شڪيل، طيب طاهر، فهيم اشرف، خوشدل شاهه، عثمان خان، ابرار احمد، حارث رئوف، نسيم شاهه، شاهين آفريدي ۽ محمد حسنين شامل آهن.
ڪرڪيٽ فينز فهيم اشرف جي اسڪواڊ ۾ شموليت تي حيرانگي ۽ ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ڪهڙي ڪارڪردگي جي بنياد تي کيس اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي، جيڪڏهن ٽيم کي آل رائونڊر جي ضرورت هئي ته اهو عامر جمال جي صورت ۾ موجود هو.
هڪ واهپيدار سليڪشن ڪميشن کان سوال ڪيو ته هر اهم ايونٽ کان اڳ فهيم اشرف اسڪواڊ جو حصو ڪيئن بڻجي ويندو آهي؟ ٻئي واهپيدار لکيو ته فهيم اشرف سڀ کان وڏي پرچي آهي.
واضح رهي ته فهيم اشرف آخري ون ڊي ميچ روايتي مخالف ڀارت خلاف 11 سيپٽمبر 2023 ۾ ايشيا ڪپ ۾ کيڏي هئي.
شوقينن طيب طاهر ۽ عثمان خان جي شموليت تي به اعتراض ڪندي چيو آهي ته ان کان عرفان نيازي ۽ حسيب الله خان بهتر آپشن هئا.
چيمپيئنز ٽرافي پاڪستان ۾ 19 فيبروري کان 9 مارچ تائين ٿيندي، پي سي بي وٽ اسڪواڊ ۾ تبديلي لاءِ 11 فيبروري تائين وقت آهي، ان کانپوءِ تبديلي رڳو طبي بنيادن تي آءِ سي سي ايونٽ ٽيڪنيڪل ڪميٽي جي منظوري سان ٿيندي.
پاڪستان طرفان اهو ئي اعلانيل اسڪواڊ چيمپيئنز ٽرافي کان اڳ ڪراچي ۽ لاهور ۾ ٿيندڙ ٽي ملڪي ون ڊي سيريز پڻ کيڏندو، جنهن ۾ نيوزيلينڊ ۽ ڏکڻ آفريقا جون ٽيمون شامل آهن.
پاڪستان ٽيم چيمپيئنز ٽرافي ۾ پنهنجي پهرين ميچ 19 فيبروري تي نيوزيلينڊ خلاف کيڏندي.