ترقي يافته اتر ۽ ترقي پذير ڏکڻ ۾ فرق کي ڪير ٿو برقرار رکندو اچي؟
ڊاڪٽر سڪندر مغل
ٻي عالمي جنگ کان پوءِ نين آزاد ٿيل رياستن کي اهو چيو ويو ته اهي آزاد واپار جي پاليسي اختيار ڪن، جيڪڏهن اهي باقي دنيا جي ترقيءَ کي پھچڻ چاهن ٿا. هنن کي اهو ڪوڙ ٻڌايو ويو ته آمريڪا ۽ برطانيه آزاد واپار ذريعي ئي ايڏا شاهوڪار ٿيا آهن. ان ڪري جيڪڏهن هو پنھنجن مارڪيٽن کي بين الاقوامي مقابلي لاءِ کولي ڇڏيندا ته هو به پوءِ شاهوڪار بڻجي ويندا.
ان جي بدران انھن رياستن ڏٺو ته سندن معيشتون ڪارپوريشنن طرفان غالب پئجي ويون آهن، جن کي سامراجي قومن جو تحفظ حاصل ٿيل هو ۽ جيڪي هاڻي آزاد مارڪيٽ جي فائدن جي تبليغ ڪري رهيون آهن. هي ’آزاد واپار جي سامراجيت‘ هئي. (دي ميڪنگ آف گلوبل ڪئپيٽلزم: پئنچ اينڊ گنڊن)
انھن اڳڪٿين جي ابتڙ جن دعويٰ ڪئي ٿي ته آزاد واپار غريب ملڪن کي امير ملڪن جي برابر ڪندو، دنيا جي معيشت جو ڍانچو گذريل سوين سالن کان نسبتاً جٽادار رهيو آهي: جنھن مطابق دنيا ۾ دولتمند ۽ طاقتور معيشتن جو هڪ مختصر تعداد موجود آهي، جيڪو دنيا مٿان غالب آهي ۽ تمام غريب ملڪن جو وڏو تعداد آهي، جن وٽ ٿورڙي طاقت آهي ۽ باقي بچيل ملڪ انھن جي وچ ۾ آهن.
اهو سچ آهي ته ڪجهه ملڪ ان درجا بنديءَ ۾ صنعتڪاريءَ ذريعي مٿي چڙهي ويا آهن (برطانيه ۽ آمريڪا وانگر) جيئن چين، سنگاپور، تائيوان وغيره پر انھن سڀني آزاد واپار جي مشق اختيار ڪرڻ کان پھريان پنھنجين معيشتن کي بچائي رکيو .
پوءِ آخر ڇو آزاد واپار غريب ملڪن کي ايترو فائدو نه پھچايو آهي؟ ان ڪري ته انھن ملڪن ۾ صنعتڪاريءَ جو وقت مختلف پئي رهيو آهي. مارڪس ٻڌايو ته سرمائيداري نظام هيٺ ملڪن ۽ علائقن وچ ۾ موجود اڻبرابريون هر ملڪ ۽ علائقي ۾ ان جي صنعتڪار بڻجڻ جي وقت کي ظاهر ڪنديون آهن. الڳ الڳ قومن ۾ ظاهر ٿيڻ کان پوءِ هي اڻبرابريون، آخر ۾ نيٺ عالمي معيشت جي سطح تي ظاهر ٿيڻ لڳنديون آهن. جيئن نڪولائي بخارن چيو آهي، ”سموريون معيشتون يعني صنعتي ملڪ اڄ بطور ”شھرن“ جي ظاهر آهن جڏهن ته سمورا زرعي علائقا بطور ”ٻھراڙيءَ“ جي ظاهر آهن“.
اها دعويٰ ڪئي ٿي وئي ته شاهوڪار ملڪن جا سرمائيدار، غريب ملڪن ۾ سيڙپ ڪندا ڇاڪاڻ ته سندن پنھنجن ملڪن ۾ سيڙپ جا موقعا ختم ٿي ويل هوندا آهن. ڪي معاشي ماهر اهو تجويز ڪن ٿا ته امير ۽ غريب ملڪن وچ ۾ فرق اهڙي طرح ختم ٿي ويندا، ڇو ته اهڙي طرح ڪيل سيڙپ گلوبل ڏکڻ ۾ ڌنڌن/ واپارن ۾ تبديل ٿي ويندي جنھن سان اهي ترقي ڪرڻ لڳندا ۽ نيٺ آخرڪار گلوبل اتر ۾ ڄميل ڌنڌن جي غالب پڻي کي للڪاريندا. ڏکڻ جي ڪن ملڪن هن عمل مان تمام گهڻو فائدو ورتو آهي، جن ۾ چين سرِفھرست آهي.
1820ع کان 1990ع تائين گلوبل اتر (G7) ملڪن صنعتڪاريءَ جي دنيا ۾ زبردست ترقي ڪئي. عالمي آمدنيءَ ۾ سندن حصو پنجين حصي کان 2/3 تائين مٿي چڙهي ويو. (گلوبلائيزيشن رچرڊ بالڊون) ان جا سبب صنعتي انقلاب، تڪڙي صنعتڪاري، صنعتي مرڪزيت ۽ نواڻن تي هڪ هٽي هئا.
1990ع کان پوءِ معلومات ۽ مواصلات جي ٽيڪنالاجي (Information & Communication Technology) ۾ زبردست اڳڀرايون ٿيون، جنهن جي نتيجي ۾ خيالن ۽ رابطه ڪاريءَ جي دنيا ۾ وڏو انقلاب اچي ويو.
ICT انقلاب ڪري هاڻي ٽيڪنالاجي بين الاقوامي بڻجڻ شروع ٿي وئي ۽ پئداوار کي حصن ۾ ورهائڻ ۽ بين الاقوامي بڻائڻ ممڪن ٿي ويو. اتر کان ڏکڻ طرف پئداوار جي آف شورنگ، ڄاڻ جو هڪ قطعي طور ڀاري وهڪرو به ساڻ ڪيو.
ان جو نتيجو ڏکڻ جي ٿورڙين ترقي پذير قومن ۾ تڪڙي صنعتڪاريءَ ۽ ترقيءَ جي صورت ۾ نڪتو. 1990ع کان پوءِ G7 ملڪن (گلوبل اتر) جو عالمي آمدنيءَ ۾ حصو پوئتي موٽڻ لڳو. گذريل ٻن ڏهاڪن کان G7 ملڪن جو حصو تمام تيز رفتار سان هيٺ ڪري رهيو آهي. G7 ملڪن جي GDP ۾ حصن جي نقصان جو فائدو ڏکڻ جي تمام ٿورڙين قومن، جن کي R11 (برازيل، انڊونيشيا، نائجيريا، ڪوريا، چين، هدستان، آسٽريليا، ميڪسيڪو، وينزويلا، پولينڊ ۽ ترڪي) ملڪن طور سڃاتو وڃي ٿو، کي ٿيو. R11 جي مڪمل فائدي جو اٽڪل اڌ حصو اڪيلي چين طرفان حاصل ڪيو ويو.
ڏکڻ جي غريب ملڪن کي آزاد واپار جي پاليسي اختيار ڪرڻ واري بيانيي طاقتور هڪ هٽين جي واڌ جو ذڪر نه ڪيو، جيڪي نه رڳو پنھنجن مقامي مارڪيٽن مٿان غالب پئجي ويون پر عالمي مارڪيٽ جي وڏن حصن تي پڻ غالب پئجي ويون آهن. هي ملٽي نيشنل ڪارپوريشنون، گلوبل ڏکڻ ۾ ڪم ڪندڙ ننڍڙين ڪارپوريشنن کي آسانيءَ سان مقابلي ۾ هارائي وڃن ٿيون. اهي مارڪيٽ مٿان پنھنجي طاقت کي استعمال ڪندي، پنھنجن مال پھچائيندڙن جو نڪ ۾ دم ڪن ٿيون، انھن جون اجرتون گهٽائڻ ۽ ڪم جون حالتون خراب ڪرڻ ذريعي. اهي طاقتور مالياتي ادارن سان ڳٺ جوڙ ڪري ڪنھن به اڀرندڙ مقابلو ڪندڙ ڪمپنيءَ کي خريد ڪري وٺن ٿيون ته جيئن مارڪيٽ مٿان سندن غلبو قائم رهي ۽ وڌيڪ مضبوط ٿئي.
ان کان سواءِ وڏيون ڪارپوريشنون پنھنجا هيڊ ڪوارٽر شاهوڪار دنيا ۾ ئي رکن ٿيون ۽ پنھنجي پئداوار غريب ملڪن مان ڪرائن ٿيون (Offshoring) انھن ملڪن جي سستي مزدوري مان فائدو وٺندي ۽ ملندڙ نفعا پنھنجن ملڪن ڏانهن منتقل ڪندي (Reshoring) سرمائيدار رياستون هنن اڻبرابرين کي قائم ۽ دائم رکڻ چاهينديون:
- ماڻهن کي بھتر اجرت واريون نوڪريون حاصل ڪرڻ کان روڪڻ ذريعي.
- گلوبل ڏکڻ ۾ موجود ملڪن کي وسيلن ۽ ٽيڪنالاجيءَ تائين رسائيءَ کان روڪڻ ذريعي.
هنن طريقن سان شاهوڪار ملڪن جي سرمائيدارن کي زبردست نفعا حاصل ٿيندا آهن ۽ ساڳئي وقت هو غريب ملڪن ۾ صنعتڪاري کي مڏو ڪري ڇڏيندا آهن ۽ انھن کي ”مستقل ڀاڙ پڻي“جي حالت ۾ مبتلا ڪري ڇڏيندا آهن.
پر هي سڀ ڪجهه ڪارپوريشنون، پنھنجين حڪومتن جي آشيرواد ۽ مدد سان ئي ڪري سگهنديون آهن. لينن کي هن ڳالهه جو ادراڪ هو. هن چيو ’رياست ۽ ڪارپوريٽ طاقت جو انضمام غريب رياستن کي شاهوڪار رياستن جي برابر ٿيڻ کي اڃان وڌيڪ ڏکيو بڻائي ڇڏيندو‘.
ايسٽ انڊيا ڪمپني ان انضمام جو هڪ ثبوت آهي. نازي پارٽي پڻ ٽرسٽن، انضمامن ۽ واپاري ڳٺ جوڙن جي پيدا ٿيڻ کي همٿايو ڇو ته ائين ڪرڻ سان جرمن رياست جي سامراجي طاقت کي هٿي ملي پئي. يونينن ۽ ٻين شين کي جيڪي ڪارپوريٽ طاقت لاءِ خطرو هيون، تباهه ڪيو ويو ۽ هڪ قانون منظور ڪيو ويو جنھن مطابق ”صنعتن کي مجبور ڪيو ويو ته اهي واپاري ڳٺ جوڙ ٺاهن، جتي به اهي موجود نه هجن“. اهڙي طرح بي لغام ڪارپوريٽ طاقت، رياست جي طاقت سان ملي ويل نازي ازم جو هڪ مکيه جزو هو.
1960 ڌاران لاطيني آمريڪا جي معيشتدان رائول پريبش اهو دليل ڏنو ته ”دنيا هڪ ترقي ڪيل، صنعتي بڻايل ’مرڪز‘۽ هڪ گهٽ ترقي ڪيل، مکيه طور تي زرعي ڪناري ۾ ورهايل آهي“.
انحصاري نظريو ان مشاهدي تي بيٺل هو ته غريب ملڪ، امير ملڪن تي ڀاڙيندا آهن. ابتدائي شيون پئدا ڪرڻ ۽ انھن کي امير ملڪن ڏانھن برآمد ڪرڻ لاءِ ۽ تيار ٿيل شيون امير ملڪن کان درآمد ڪرڻ لاءِ.
امير ملڪن وڏين ۽ طاقتور ڪارپوريشنن ۽ بھتر ٽيڪنالاجين هجڻ ڪري، پنھنجي پئداوار ۾ واڌ ڏٺي، جنھن سان سندن پورهيتن جون اجرتون وڌي ويون ۽ سندن شين جي طلب گهڻي ٿي وئي، جڏهن ته غريب ملڪ جن وٽ گهٽ طاقتور ڪارپوريشنون هيون ۽ جن جي ٽيڪنالاجي تائين گهٽ / محدود رسائي هئي، گهٽ اجرتون ڏيڻ لاءِ مجبور هئا. جنهن ڪري سندن ترقي رڪيل رهي.
دنيا جي مرڪز ۾ موجود مزدور وڌيڪ پئداواري ٿين ٿا، بنسبت ڪناري وارن مزدورن جي، ڇو ته اهي بھتر ٽيڪنالاجيءَ سان ڪم ڪن ٿا ۽ کين بھتر سکيا ڏنل هوندي آهي. ان ڪري انھن وٽ سودي بازي ڪرڻ جي وڌيڪ طاقت هجي ٿي، جنھن ڪري هو وڌيڪ اجرت جو مطالبو ڪري سگهن ٿا. وڏيون اجرتون، امير ملڪن ۾ واهپي جي مارڪيٽن جي تمام گهڻي تيزيءَ سان ترقي ڪرڻ جي اجازت ڏينديون آهن، جنھن سان گلوبل اتر ۾ سرمائيدارن لاءِ مقامي سيڙپ ڪرڻ جا موقعا وڌيڪ پئدا ٿي ويندا آهن.
ڪناري تي موجود غريب ملڪن لاءِ صنعتڪار ٿيڻ ڏکيو هوندو آهي، اهي مرڪز ۾ موجود ملڪن وانگر صنعتڪار نه ٿي سگهند اآهن، انھن وٽ سواءِ پنھنجيون ابتدائي بنيادي شيون امير ملڪن ڏانھن برآمد ڪرڻ جي ٻيو ڪو رستو نه هوندو آهي. هو ان برآمد جي پئسن مان پاڻ وٽ صنعتڪاري شروع نه ڪري سگهندا آهن.
مرڪز ۽ ڪناري وچ ۾ هي فرق رڳو تاريخي اوسر جي مختلف سطحن ڪري نه آهي پر اها جديد سرمائيداري نظام جي ڪم ڪار لاءِ ضروري آهي. سامراجي مرڪز ۾ سرمائيدار زبردست نفعا (Super Profits) رڳو ڪناري ۾ موجود سستي پورهئي جي زبردست استحصال (Hyper Exploitation) منجهان ئي حاصل ڪرڻ جي قابل ٿيا آهن. سرمائيدار مرڪز (گلوبل اتر) جي زبردست ترقي ڪناري جي سڌي سنئين قيمت تي ٿئي ٿي. توڻي جو امير ملڪ غربت کي ختم ڪرڻ ۽ ترقيءَ کي زور وٺرائڻ جي هڪ تمام وڏي مھذب مھم جي دعويٰ ڪن ٿا، پر حقيقت ۾ امير ملڪن، پاڻ کي شاهوڪار بڻائڻ لاءِ باقي دنيا کي غير ترقي يافته بڻائي رکيو آهي.
والٽر روڊني پنھنجي ڪتاب ’هائو يورپ انڊر ڊولپڊ آفريڪا‘ ۾ اهو دليل ڏئي ٿو ته ”شاهوڪار معيشتن جي دولت، غريب معيشتن جي استحصال منجهان اچي ٿي، واپار ذريعي، بيٺڪيتي غلبي ذريعي ۽ سرمائيداري سيڙپ ذريعي“.
گلوبل ڏکڻ جو استحصال، گلوبل اتر جي پئداوار جو سنگ ميل آهي، جيڪو هڪ اهڙو رشتو آهي جيڪو انھن ملڪن ۾ واقع ڪارپوريشنن جي هيڊ ڪوارٽرن لاءِ تمام وڏا نفعا پئدا ڪري ٿو، جيڪي ملڪ، هن سياري جي گهڻي حصي کي پنھنجي بيٺڪيت بڻايون ويٺا آهن.
آمريڪا جيئن ته وڌ ۾ وڌ طاقتور سرمائيدارن جو گهر آهي، ان ڪري هن سرشتي جي حفاظت ڪرڻ جي ذميواري ان مٿان عائد ٿئي ٿي. ان ڪري اهو گلوبل سرمائيداري نظام جي وڏ ننڍائي سرشتي کي برقرار رکڻ ۽ پاڻ کي ان سرشتي جي چوٽيءَ تي رهڻ لاءِ اڄ به سرٽوڙ ڪوشش ڪري رهيو آهي.
اڄ به صورتحال گلبول ڏکڻ ۽ ٻي دنيا لاءِ ايڏي اطمينان بخش نه آهي. جيتوڻيڪ جديد ٽيڪنالاجي (6G, 5G) مصنوعي ذهانت (AI) ۽ ڪمپيوٽر چپس تي اڄ آمريڪا ۽ چين جي وچ ۾ سرد جنگ جاري آهي. پر پوءِ به گلوبل اتر، گلوبل ڏکڻ جي غريب ملڪن کان تمام گهڻو اڳتي وڌيل آهي. IMF، ورلڊ بئنڪ، WTO جي هٿيارن جي زور تي اڄ به ترقي يافته ملڪ غريب ملڪن کي بليڪ ميل ڪيون ويٺا آهن ۽ انھن کي صنعتڪار بڻجڻ کان روڪيون ويٺا آهن.
گلوبل سياست ۽ معيشت ۾ هي طبقاتي فرق اڃا ڪيتريون صديون هلڻو آهي، ان جي ڪابه خبر نه آهي.
فيبروري 1, 2025