خوشحال خان جي اداڪاري کانپوءِ باڪسنگ ۾ زبردست انٽري، مخالف کي مات ڏئي ڇڏيائين

Spread the love

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني اداڪار خوشحال خان اداڪاري کانپوءِ باڪسنگ ۾ به زبردست انٽري ڏئي ڇڏي.
لاهور ۾ ٿيندڙ هڪ عالمي باڪسنگ مقابلي ۾ خوشحال خان پنهنجي صلاحيتن جو مظاهرو ڪندي مخالف بشر خان کي شڪست ڏني.
ان شاندار ڪاميابي تي خوشحال خان جون وڊيوز ۽ تصويرون سوشل ميڊيا تي تيزي سان وائرل ٿي رهيون آهن، جن ۾ کيس جشن ملهائيندي ڏسي سگهجي ٿو.
ان شاندار ڪاميابي تي مداح به خوشحال خان کي داد ڏئي رهيا آهن.

جنوري 30, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو