سرفراز احمد هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان جي نمائندگي ڪندو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو اڳوڻو ڪپتان سرفراز احمد هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان جي نمائندگي لاءِ تيار آهي.
پاڪستان چيمپيئنز ورلڊ چيمپيئن شپ آف ليجنڊز جي ٻئي ايڊيشن لاءِ اڳوڻي ڪپتان سرفراز احمد سان باقاعدي معاهدو ڪري ورتو.
قومي ٽيم جو اڳوڻو ڪپتان ورلڊ چيمپيئن شپ آف ليجنڊرز ۾ ايڪشن ۾ نظر ايندو.
واضح رهي ته ورلڊ چيمپيئن شپ آف ليجنڊز جي پهرئين ايڊيشن جي فائنل ۾ ڀارت پاڪستان کي شڪست ڏئي ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪيو هو.