يونيورسٽين ۾ انتظامي سربراهيءَ جو سوال
محمد احسان لغاري
سنڌ ۾ يونيورسٽين سان لاڳاپيل قانون سازيءَ ۾ تبديلي جون ڳالهيون سرڪاري سطح تي آڏو آيل آهن. حڪومت يونيورسٽين جي انتظامي سربراهيءَ جي ڍانچي ۾ تبديليون آڻڻ گهري ٿي. سياسي وزن (بهتري جو تصور) جي تعبير لاءِ حڪومت تدبير ڪري سگهي ٿي. اِهو سندس قانوني حق آهي، جيڪو عوام اُن کي سونپيو آهي. پر ڪنهن به تبديلي لاءِ رٿابندي جا بنياد تحقيق، تجربي، مشاهدي ۽ ان شعبي سان لاڳاپيل علمي فلسفي تي رکبا آهن. ان سڄي پس منظر ۾ اچو ته يونيورسٽين جي سربراهي جي مسئلي کي ڪارڪردگي، ڪارگر حڪمتِ عملي، زميني حقيقتن، چئلينجن ۽ سنڌ جي اعليٰ تعليمي بهتريءَ جي ڪئنواس تي ڏسون.
زميني حقيقتون اهي آهن ته يونيورسٽين جي حالت بهتر ناهي، بجيٽ، تعليمي نواڻ جو فقدان، تحقيقي ڪم جو نه هجڻ، پروگرامن ۽ تعليمي نظام جو مارڪيٽ جي گهرجن سان ڪمزور ڳانڍاپو، معياري تعليم ۾ وِٿيون، شاگرد ــ شاگردياڻين لاءِ سهولتن جي گهٽتائي، يونيورسٽي تي سياسي ۽ سماجي دٻاءُ، سينڊيڪيٽ ۽ سينيٽ جا ڪمزور ڪردار، شاگردن کان سواءِ سڀن جون يونينون ، گهٽ حڪومتي ترجيح، نوڪرين جي تعداد ۾ (خاص ڪري غير تدريسي) واڌ، بجيٽ جو خسارو، نون قانوني ۽ ادارتي گهاڙيٽن ۾ ڪامورا شاهي جو وڌندڙ اثر، ان جي نتيجي ۾ ڳاڙهي پٽيءَ جون انيڪ رڪاوٽون، صوبائي هائر ايجوڪيشن ڪميشن ۽ مرڪزي هائر ايجوڪيشن ڪميشن جا پُورو ڇوٽ ادارا، اعليٰ تعليم جي مرڪزي ۽ صوبائي سطح تي ڪرندڙ ترجيح جهڙا مسئلا سامهون آهن.
يونيورسٽيون، ادارتي طور تي، هڪ وسيع ملڪي ۽ صوبائي حڪومتي طرز حڪمراني جو حصو ۽ عڪاس آهن، جيئن ملڪ ۽ صوبي جي باقي ادارن جي ڪارڪردگي آهي. يونيورسٽين ۾ پهچندڙ شاگرد ۽ شاگردياڻيون هڪ تعليمي سلسلي سان گذري اچن ٿا، جن ۾ پرائمري، سيڪنڊري، ڪاليج، ٽيڪنيڪل تعليم، امتحانن جا بورڊ ۽ لاڳاپيل تعليمي کاتا اچن ٿا. جيڪڏهن صرف پرائمري، سيڪنڊري تعليم جا انگ اکر ڏسجن ته سنڌ صوبو پنجاب ۽ ڪي پي کان گهڻو پوئتي آهي. ساڳي طرح ٻين سماجي خدمتن ۽ وسيع شعباتي ادارن جي ڪارڪردگي ڪا ڳوٺ کان ٻاهرٻڌائڻ جهڙي ناهي. ڪجھه ڪاميابيون آهن، خاص ڪري صحت ۾ دل جون اسپتالون، ڪن ضلعن ۾ روڊن جو نظام، يونيورسٽين جي اڏاوتن ۾ اضافو، آءِ بي اي ذريعي استادن جي ڀرتي وغيره حڪومتي ڪارڪردگيءَ جا انگ اکر بهتر ڪن ٿا. ساڳي طرح ڪجهه يونيورسٽين ۾ خاص ڪري مهراڻ يونيورسٽي، زرعي يونيورسٽي، آءِ بي اي ڪراچي ۽ سکر، اتر سنڌ ۾ قائم نيون يونيورسٽيون، ڪجهه ميڊيڪل يونيورسٽين ، ۽ ڪن حالتن ۾ يونيورسٽي جي ڪجھ شعبن بهتر ڪارڪردگي ڏيکاري آهي.
يونيورسٽين ۾ هڪ علمي/ انتظامي طور تي مختلف فورمن جو ڍانچو جُڙيل هوندو آهي، جنهن ۾ سينڊيڪيٽ، سينيٽ ۽ اڪيڊمڪ ڪائونسل وغيره شامل هوندا آهن. 2008ع جي اليڪشن کانپوءِ اهم تبديليون ڪيون ويون، جن مان گورنر جي جاءِ تي سنڌ جي وزيراعليٰ کي يونيورسٽين جو چانسلر هئڻ، وائيس چانسلر جي مقرري لاءِ ڳولا ڪميٽي، سنڌ جي هائر ايجوڪيشن ڪميشن جوڙڻ (ارڙهين ترميم کانپوءِ) ۽ وقت سان گڏ ان جي بجيٽ جو واڌارو، هائر ايجوڪيشن جو کاتو ۽ بورڊ ۽ يونيورسٽين جو کاتو جوڙڻ جهڙا عمل شامل آهن. سينيٽ جو چيئرمين ڇاڪاڻ ته وزيراعليٰ جو عهدو آهي، ان ڪري يونيورسٽي جي پاليسي ساز اداري (سينيٽ) پڻ ان عهدي جي سربراهي هيٺ اچي ٿو. ساڳي وقت سيڪريٽري تعليم، بورڊ / يونيورسٽي سيڪريٽري ۽ هائر ايجوڪيشن ڪميشن جا سيڪريٽري پڻ سينڊيڪيٽ ۽ سينيٽ جا ميمبر هوندا آهن (ڪٿي واري ناڻو ۽ ميڊيڪل لاءِ صحت کاتو )، جتي هُو نه صرف حڪومتي پاليسين کي عمل ۾ آڻڻ لاءِ زور رکي سگهن ٿا، پر يونيورسٽي جي ڪيئي انتظامي، مالي ۽ علمي مسئلن کي پڻ حل ڪرڻ ۾ مدد ڪري سگهن ٿا. سينڊيڪيٽ، سينيٽ ۽ اهڙن ٻين ڪائونسلن ۾ سرڪاري افسر شاهي جي شرڪت، ان ۾ مقصد وارو حصو وٺڻ ۽ مددي ۽ ٽيڪا ٽپڻي وارن انگن اکرن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته علمي معيار ۽ يونيورسٽي جي حالتن ۾ بهتري آڻڻ جون ڪهڙيون ڪوششون ڪيون ويون آهن.
يونيورسٽين ۾ ملندڙ پوزيشنون، اسڪالرشپس، ٻاهر وڃڻ لاءِ رستا ۽ گس، اڃان تائين غريب سنڌ لاءِ کليل آهن. علمي/تدريسي عملي جون مقرريون گهڻو ڪري ميرٽ کان ٻاهر نٿيون ڪيون وڃن. ڪڏهن ڪڏهن ميرٽ جي لتاڙ جون ڳالهيون پڻ ٻڌڻ ۾ اينديون آهن. گهڻ پاساوا ’سياسي ۽ طاقتور ڌرين‘ جا دٻاوَ پڻ يونيورسٽين جي حالتن تي اثرانداز ٿين ٿا. سنڌ ۾ خاص ڪري غير سرڪاري يونيورسٽين سان ڀيٽ ڪندي،سرڪاري يونيورسٽين جو معيار گهڻو بهتر آهي. ان علمي گهاڙيٽي ”پئسن تي داخلائن“ واري پاليسي سيلف فنانس جيتوڻيڪ ڌڪ رسايو آهي، تنهن هوندي به اڃان تائين پروفيشنل ۽ جديد فطري سائنس، سماجي سائنس، انجنيئرنگ، ميڊيڪل ۽ بزنس ۾ ڊگريون (بئچلر) ڪنهن حد تائين بھتر رهيون آهن. اڃان گهڻي بهتري جي گنجائش موجود آهي.
سنڌ جون مڙئي يونيورسٽيون اڃان تائين بئچلر پروگرام ۽ ڊگرين ۾ ته معياري وکر مارڪيٽ جي حوالي ڪري رهيا آهن. جڏهن ته پوسٽ گريجوئيٽ (ماسٽرز) پروگرام تمام گهڻو پوئتي پيل آهن، جنهن کي تحقيق ۽ صنعتن/مارڪيٽ جي ضرورت جي حساب سان نواڻ ۽ ملڪي / دنيا جي مارڪيٽ ۾ گهرج پيدا ڪرڻ لاءِ وسيع تبديلين جي ضرورت آهي.
مرڪزي هائر ايجوڪيشن ڪميشن جتي ڪافي بهتريون آنديون، اُتي اِها شرط ته ليڪچرار لاءِ گهٽ ۾ گهٽ ماسٽر هجي (اڳ 16 ورهين واري بئچلر هئي)، يونيورسٽين ۾ پوزيشنون ماڻيندڙ شاگرد ۽ شاگردياڻين لاءِ ليڪچرار ٿيڻ جا در بند ڪري ڇڏيا، جسيتائين هو ماسٽرز نه ڪن. هتي وري ماسٽرز پروگرام بهتر ناهن، ان ڪري گهڻو ڪري لائق شاگرد ۽ پوزيشن ماڻيندڙ ٻاهر ماسٽرز ڪرڻ وڃن ٿا ۽ پوءِ وري شايد يونيورسٽين ڏانهن ليڪچرار ٿيڻ لاءِ موٽ نه ٿا ڪن. ان جي نتيجي ۾ لوڪل ڪيل ماسٽرز ليڪچرار واري ڏاڪي اندر اچن ٿا ۽ ان پهرين پڙهائڻ واري ڏاڪي جو معيار پوئتي پئجي ويو آهي.
يونيورسٽين جي ڪارڪردگيءَ جي ڪٿ، مسئلن جو ادراڪ ۽ انهن جا حل ڪڍڻ لاءِ گهاڙيٽا سائنسي ۽ تحقيقي هجڻ کپن. سربراهي جي/وائيس چانسلر لاءِ متوقع ترميم کانپوءِ 21 گريڊ جي افسر جي ڪجهه خاص ڪيڊرن لاءِ دروازا کولڻ جي ڳالهه ڪئي وئي آهي. 21 گريڊ تائين پهچندي ڪميشنڊ افسر شاهي اچي رٽائرمينٽ کي ويجهو ٿيندي آهي. ان ڪري جيڪو استعيفيٰ وارو شرط رکيل آهي، سو ايترو ڪارگر ثابت نه ٿيندو، ڇو جو اڪثريت رٽائرمينٽ ٿيڻ واري هوندي يا ٿي چُڪي هوندي. باقي غير تدريسي/غير روايتي پروفيشنل لاءِ اُهي ئي شرطون رکيون وينديون، جيڪي تدريسي عملي/پروفيسرن جو وائيس چانسلر ٿيڻ لاءِ رکيل آهن. جيڪڏهن 21 گريڊ جي آفيسر کي رکڻ ضروري آهي ته پوءِ ان جي عمر جي حد 55، 56 سالن کان مٿي نه هجڻ کپي ته جيئن ڪنهن به علمي اداري ڏانهن هن جي سپردگي ظاهر ٿئي، پنهنجي فعال نوڪري واري زندگيءَ جا سال ڏيئي سگهي ۽ علم کي مشن ۽ گهڻ رخي بدلاءُ واري معياري پنڌ ڏانهن کڻي وڃي.
رٽائر ٿيڻ کانپوءِ ڪيئي ادارا، ڪائونسلون، ڪميشنون، اٿارٽيون، محتسب اعليٰ وغيره جا انيڪ دروازا تجربيگار افسر شاهي لاءِ کليل آهن. انهن ادارن جي ڪارڪردگي ۽ خدمتن جي ڪٿ ڪرڻ سان پڻ رستا ملي سگهندا ته ڪنهن انتظامي افسر کي علمي سربراهي ڏيڻ جو فائدو ٿيندو يا نه!
دنيا ۾ غير روايتي شخصيتن کي يونيورسٽين/اعليٰ تعليم اسڪولن ۽ ادارن جو سربراهه بڻايو ويو آهي. انٽريپرينور، ڪاروباري ادارن کي هلائيندڙن، نواڻ لاءِ تجربا ڪندڙن ۽ پنهنجي اڳواڻي ۾ ڪئي ادارن کي اڳتي وٺي ويندڙن کي سربراهه بڻايو ويو، جن انهن ۾ معياري ۽ مقداري تبديلي، يونيورسٽيءَ کي صنعتن ۽ ٻين ڪاروبارن سان ڳنڍڻ، جدت آڻڻ، يونيورسٽي جي ڪردار، علم جي عالمي اخلاقي قدرن ۽ مقصديت کي حاصل ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. ان جا مثال خاص ڪري آمريڪا، يورپ، آسٽريليا/نيوزيلينڊ ۽ ڪجهه ٻين ملڪن ۾ ملن ٿا. اسان جا طرز حڪمراني جا قدر ۽ زميني حقيقتون اتر کان گهڻيون مختلف آهن ۽ ڏکڻ ۾ پڻ پوئين بئنچ تي ويٺل نظر اچن ٿيون، ان ڪري سموري بهتري، تجربي ۽ اعليٰ معيار جو بار يونيورسٽين تي نٿو رکي سگهجي. هائو، ان ۾ بهتري آڻڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪرڻ ۽ حڪومتي قدم اهم آهن. ”اعليٰ تعليم کي، سنڌ جي پرائمري، سيڪنڊري ۽ ڪاليج واري تعليمي سان گڏائي، هڪ مربوط پاليسي ۽ ادارتي بهتريءَ جو پلان جوڙڻو پوندو. ان کي عمل ۾ آڻڻ لاءِ سماجي ۽ انساني سرمايو وڌائڻ وارو گهاڙيٽو ٺاهڻو پوندو. بجيٽ کي ٽيڻو ڪرڻو پوندو. ان کي سياسي ۽ سماجي دٻاءُ کان ٻاهر رکي ”فعال، آزاد علمي سوچ واري اڳواڻي“ ڏيڻي پوندي. سنڌ جي مستقبل، نوجوان، ساڀيان، سائنس، مصنوعي ذهانت وارو دؤر پنهنجي علمي ۽ سماجي وجود کي قائم رکندڙ ”سنڌ جو علمي قد“ حاصل ڪرڻ لاءِ جتن ڪرڻا پوندا.
يونيورسٽين جي اڳواڻي لاءِ علمي، تحقيقي ۽ تعليمي تجربي، ڊگرين ۽ سمجهه سان گڏ انتظامي، مالي، علم سان لاڳاپيل پراجيڪٽ مئنيجمينٽ، تضادن ۽ ڇڪتاڻ جي انتظام ڪاري، حڪومتي وهنوار ۽ سرڪاري ادارن سان لهه وچڙ جو تجربو، ناڻي واري ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن ۾ ڄاڻ سڃاڻ ۽ انهن جي سرڪاري وهنوار کي سمجهڻ جهڙيون سافٽ صلاحيتون هجڻ ضروري آهن. ان لاءِ يونيورسٽين جي اندر اڳواڻي پيدا ڪندڙ ۽ ان کي وقت سان گڏ بهتر ڪرڻ جا گهاڙيٽا ٺاهي سگهن ٿا. سينيئر مئنيجمينٽ جا ڪورس، جيڪي سرڪاري افسرن کي ڪرايا ٿا وڃن. اهڙا ئي ڪورسز يونيورسٽي لاءِ مختلف مرحلن، ضرورتن مطابق ڪري سگهجن ٿا. يونيورسٽين جي شعباتي سربراهه، ڊين، پروگرامن کي هلائيندڙن، پرو وائيس چانسلر ۽ ان جهڙين پوزيشن ۾ ٽريننگ ۽ عملي سکيا جو پروگرام پڻ عمل ۾ آڻي سگهجي ٿو. پوين 80 سالن کان مٿي سنڌ جي علمي ماهرن، استادن، ٿنڪر ۽ مستقبل ۾ ڏسندڙانسانن اهڙن ادارن جو بنياد رکيو، جيڪي اڳتي هلي اسان جون يونيورسٽيون ٿيون. انهن استادن مارشل لا جي ڪهري ڏينهن ۾ پنهنجن شاگردن کي گولين، خوف ۽ ڏهڪاءُ جي فضا هوندي انجنيئر، ڊاڪٽر ۽ ٻيا پروفيشن عطا ڪيا. ڪنهن جي چرچ تي چيل ۽ لکيل ”وي سي ڪتو هاءِ هاءِ ــــ “ پنهنجي ئي شاگردن جي واتان ٻڌي، چاڪنگ پڙهي، پنهنجي اندر ۾ ڳوڙها ڳاڙيندا رهيا ۽ پنهنجي سمجهه آهر علم اوتيندا رهيا! به سمجهه، سچائي، عزت، پنهنجائپ ۽ علم لاءِ دل جي سُور سان سنڌ جو علمي آئيندو بهتر ڪري سگهجي ٿو!
جنوري 26, 2025