خيبر ضلعي ۾ سڪيورٽي فورسز جو آپريشن، چار دهشتگرد ماريا ويا، ٻه گرفتار

Spread the love

خيبر (ويب ڊيسڪ) خيبر ضلعي جي علائقي باغ ۾ سڪيورٽي فورسز جي آپريشن دوران چار دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته 2 دهشتگردن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
آءِ ايس پي آرموجب خيبر ضلعي جي علائقي باغ ۾ سڪيورٽي فورسز جي آپريشن جي نتيجي ۾ دهشتگرد ڪمانڊر عزيز الرحمان عرف قاري اسماعيل ۽ مخلص سميت چار دهشتگرد مارجي ويا آهن، جڏهن ته 2 دهشتگرد گرفتار ٿيا آهن.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته مارجي ويل دهشتگردن جي قبضي مان هٿيار ۽ بارود به هٿ ڪيا ويا آهن.
آءِ ايس پي آر موجب، مارجي ويل دهشتگرد سڪيورٽي فورسز ۽ شهرين خلاف ڪاررواين ۾ ملوث آهن.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته سڪيورٽي فورسز ملڪ مان دهشتگردي جي لعنت جي خاتمي لاءِ پرعزم آهي.

جنوري 25, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو