آسڪرز جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ٽرانس جينڊر بهترين اداڪارا لاءِ نامزد

Spread the love

لاس اينجلس(ويب ڊيسڪ) هالي ووڊ جي سڀ کان وڏي ايوارڊ ”آسڪرز“ لاءِ نامزدگين جو اعلان ڪيو ويو آهي، نيٽ فلڪس طرفان هسپانوي ٻولي ۾ ٺاهيل فلم ”اميليا پيرز“ 13 نامزدگين سان سڀ کان اڳتي آهي.
دي اڪيڊمي آف موشن پڪچرز آرٽس اينڊ سائنسز لاس اينجلس ۾ باهه سبب آسڪرز نامزدگين جو اعلان ٻه ڀيرا ملتوي ڪيو هو.
خميس جي ڏينهن آسڪرز لاءِ نامزد ٿيندڙ فلمن جي نالن جو اعلان ڪيو ويو، سڀ کان وڌيڪ نامزدگيون حاصل ڪندڙ فلم اميليا پيرز جي ڪهاڻي هڪ ميڪسڪن منشيات فروش جي چوڌاري ڦري ٿي، جيڪا جنس بدلائڻ کانپوءِ هڪ عورت طور نئين زندگيءَ جي شروعات ڪري ٿي.
سڀ کان وڌيڪ نامزدگيون حاصل ڪندڙ فلمن ۾ ٻئي نمبر تي ”بروٽلسٽ جڏهن ته ”وڪڊ” ٽئين نمبر تي رهي، ٻنهي فلمن مختلف ڪيٽيگريز ۾ ڏهه، ڏهه نامزدگيون حاصل ڪيون آهن.
آسڪرز 2025ع لاءِ ٽئي فلمون بهترين فلم جي ايوارڊ جي ڊوڙ ۾ شامل آهن.
بهترين فلم جي ايوارڊ لاءِ انورا، آ ڪمپليٽ ان نون، ڪنڪليو، ڊيون: پارٽ ٽو، آءِ ايم اسٽل هيئر، نڪل بوائز ۽ دي سبسٽينس پڻ مقابلي ۾ آهن.
آسڪر کان اڳ گولڊن گلوبز ۾ ”دي بروٽلسٽ“ کي بهترين فلم جڏهن ته ”اميليا پيرز“ کي بهترين فلم (ميوزيڪل/ڪاميڊي) جو ايوارڊ ڏنو ويو هو.
بهترين اداڪارا جي ايوارڊ لاءِ ”اميليا پيرز“ جي اسٽار ڪارلا سوفيا کي پڻ نامزد ڪيو ويو آهي، ڪارلا پهرين ٽرانس جينڊر آهي جنهن کي آسڪر ۾ بهترين اداڪارا جي ڪيٽيگري ۾ نامزد ڪيو ويو آهي.
بهترين اداڪارا لاءِ ڪارلا سوفيا جو سنٿيا اريوو، مائڪي ميڊيسن، ڊيمي مور ۽ فرنينڊا ٽورس سان مقابلو آهي.
بهترين اداڪار جي ڪيٽيگري ۾ اداڪار ايڊريئن بروڊي، ٽميٿي شيلميي، ڪولين ڊومنگو، رالف فائنز ۽ سيبيسٽين اسٽين ۾ ٽاڪرو آهي.
”دي بروٽلسٽ“ جي ايڊريئن بروڊي گولڊن گلوبز ۾ بهترين اداڪار جو ايوارڊ اڳ ئي پنهنجي نالي ڪري چڪو آهي.
ان کانسواءِ بهترين هدايتڪاري جي آسڪر ڪيٽيگري ۾ فلم انورا، دي بروٽلسٽ، آڪمليٽ ان نون، اميليا پيرز ۽ دي سبسٽينس جي هدايتڪارن وچ ۾ مقابلو ٿيندو.
ياد رهي ته آسڪر 2025 جي تقريب 2 مارچ تي لاس اينجلس جي ڊولبي ٿيٽر ۾ منعقد ٿيندي.

جنوري 25, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو