ڀڃ ڊاهه جي حق ۾ ناهيان، جتي هيس اتي ئي بيٺو آهيان: شاهه محمود قريشي

Spread the love

ملتان (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي چيو آهي ته مان ڪنهن ڀڃ ڊاهه ۾ شامل نه هيس ۽ ان ئي ان جي حق ۾ آهيان، مان جتي هيس اتي ئي بيٺو آهيان.

ملتان سيشن ڪورٽ ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو ته مون تي ملتان ۾ 5 ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا، 9 مئي واقعن ۾ مون تي 13 قلم لڳايا ويا پر هڪ به ثابت نه ڪري سگهيا، ملتان ۾ موجود ئي نه هيس، انتظاميا کي ڪجهه ته خدا جو خوف ڪرڻ گهرجي.

هن چيو ته مان اسلام آباد ۾ گرفتار ٿيس، اڊيالا جيل ويس ۽ ڪيس ملتان ۾ داخل ٿيا، انهن ڪوڙن ڪيسن سان انتظاميا جي ساک متاثر ٿي آهي، عدالت منهنجي ضمانت کان اڳ گرفتاري منظور ڪئي آهي، منهنجو ضمير مطمئن آهي منهنجا هٿ صاف آهن.

سندس چوڻ هو ته مان پرڏيهي وزير طور سڄي دنيا ۾ پاڪستاني ادارن جو بچاءُ ڪيو آهي، ڪنهن ڀڃ ڊاهه ۾ شامل نه هيس، نه ئي ان جي حق ۾ آهيان، 40 سالن کان حب الوطني جي سياست ڪئي، مان جتي هيس اتي ئي بيٺو آهيان، جيل ۾ اڪيلائي ۾ امن ۾ خلل ڪيئن ٿو وجهي سگهان؟

جُون 17, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو