دادو: پير مجيب الحق پاران پير دانش علي کي چيئرمين چونڊجڻ تي مبارڪ ڏني
دادو (رپورٽ :سرور جلال سولنگي) سنڌ اسيمبلي ۾ قانون, پارلياماني معاملن, ۽ انساني حقوقن جي چيئرمين، پ پ پ ايم پي اي دادو بئريسٽر پير مجيب الحق ۽ سندس ننڍي ڀاءُ اڳوڻي پ پ پ دادو سٽي صدر، چئرمين ميونسپل ڪاميٽي دادو پير دانش علي سان ملاقات ڪري کيس بنا مقابلي چئرمين ميونسپل ڪاميٽي دادو ٿيڻ تي مبارڪباد پيش ڪيون،
ان موقعي تي صوبائي ميمبرن ۾ پ پ پ ايم پي اي جيڪب آباد ممتاز جکراڻي، ايم پي اي تعلقه مھيڙ فياض احمد ٻٽ، ايم پي اي جوھي سيد صالح شاهه جيلاني، ايم پي اي لاڙڪاڻو حزب الله ٻگھيو, ايم پي اي عمرڪوٽ راڻا همير سنگهه ۽ سردار حشام خان, سردار علي شير دستي ۽ ايم پي اي سانگھڙ ڄام شبير علي خان ڪاميابي تي کين مبارڪون ڏيندڙن شامل ھئا،
بئريسٽر پير مجيب الحق ۽ چئرمين ميونسپل ڪاميٽي دادو پير دانش علي پاران مھمانن جو پير ھائوس اچڻ تي شڪريو ادا پڻ ڪيو ويو ـ
جُون 17, 2023