سائين جي ايم سيد جي قومي جدوجهد جي تقاضا
ادريس چانڊيو
سائين جي ايم سيد جو قوم پرستي وارو فڪر حب الوطني ۽ انسان دوستي تي ٻڌل آهي. جنهن سنڌي ماڻهن کي الڳ سماجي، سياسي، قوم ۽ معاشي قومي اڪائي جو وارث ۽ مالڪ ڄاڻايو. جنهن کي سنڌ جي نوجوانن سائين جو لقب ڏنو. سائين جي ايم سيد جو اهو وڏو قومي ڪارنامو آهي ته هن پنهنجي دور جي نئين نسل کي سنڌ وطن جي ڪلچر، روايتن ۽ تاريخ کان واقف ڪيو ۽ سنڌي ماڻهن کي قومي سڃاڻپ برقرار رکڻ جو عظيم درس ڏنو.
سائين جي ايم سيد اهو قوم پرست، سيڪيولر ۽ صوفي سياستدان هئو. جنهن سنڌ کي قومي وطن ۽ شاهه ڀٽائي کي قومي شاعر طور نئين سر دريافت ڪيو. اڄ به سنڌ وارا ان جي ڏنل قومي شعور ۽ علمي پورهئي سبب پنهنجو قومي ڪيس وڙهندا پيا اچن.
17 جنوري سائين جي ايم سيد جي جنم ڏينهن تي سنڌ جا لکين ماڻهو سندس شهر سن ۾ گڏ ٿي نه صرف قومي سلام پيش ڪن ٿا پر اهو وچن ورجائيندا آهن ته ها سنڌ هڪ تاريخي وطن آهي ۽ سنڌي الڳ قوم آهن. هر مظلوم ۽ محڪوم قوم جي ماڻهن جي خواهش رهي آهي ته سندن اڳواڻ ايماندار ۽ بهادر هجي، جي ايم سيد ئي ان معيار تي پورو لٿو ۽ ان جو ڪردار، اخلاقي پختگي ۽ قوت برداشت جو اعليٰ نمونو هو. جي ايم سيد پنهنجي طبيعت ۾ جيتوڻيڪ جذباتي انسان هو پر هن رياست جي ڏاڍ ۽ ڏمر کي جنهن بهادري سان برداشت ڪيو، اهو قوت برداشت جو اعليٰ نمونو آهي ۽ قيد تنهائي، نظر بندين ۽ سياسي اڪيلائپ کي ان ڌرتي سان رومانس ۾ تبديل ڪري، تاريخ جي سڃاڻپ ۽ تحقيق جي بنياد تي جيڪو علم ڏنو، اهو دنيا جي ڪنهن به اڳواڻ تنهائي جي جواب ۾ پنهنجي قوم کي نه ڏئي سگهيو آهي. جي ايم سيد پنهنجي ذاتي ڪردار ۾ ايترو صاف ۽ پاڪ هيو، جيترو سنڌو درياهه جو پاڻي.
جي ايم سيد دنيا جي چند عظيم اڳواڻن مان هڪ آهي جن جي خيالن جي نسبت انهن جا پوئلڳ سندن ذات کان وڌيڪ متاثر رهيا آهن. جي ايم سيد رياست جي هٿرادو ٺاهيل ٽرائيڪا واري ٿيوري يعني مظبوط مرڪزيت، مذهبي انتها پسندي ۽ انڪار وطن واري فلسفي خلاف جدودجهد ڪئي. مقصد خاطر نظر بند رهيو، قيد ڪاٽيا، الزام برداشت ڪيا. هن ٽرائيڪا ٿيوري کي سنڌ ۾ نظرياتي طور شڪست ڏني، سنڌ کي قومپرستي، سيڪيولرازم، صوفيت، انساني رواداري، مذهبي رواداري ۽ سياسي رواداري واري سڃاڻپ وارو ديس بڻائي ڇڏيو.
جي ايم سيد 20هين صدي جي عظيم انسانن مان هيو، جنهن عظيم ڪم ڪيا، مضبوط ارادن سان ڪمزور قوم کي قومي سوچ تي آڻي بيهاريو۽ اهڙو نظريو ڏنو جيڪو سنڌين کي آزادي جي منزل ڏانهن وٺي وڃي ٿو. جيتوڻيڪ جي ايم سيد کي خيالن واري سنڌ ملي ۽ هن پنهنجي عهد، 20هين صدي جي سنڌ تشڪيل ڪئي، جيڪا خيالن ۽ قدرن جي لحاظ کان عظيم آهي ڇوته عظيم اڳواڻ پنهنجي دور جي دنيا تشڪيل ڪندا آهن.
پنجاب پنهنجي بالادست قومي مفادن خاطر پنهنجي عددي اڪثريت، عسڪري طاقت، عالمي سامراجي طاقتن جي پٺڀرائي ۽ مذهب جي هٿيار ذريعي سنڌ ۽ سنڌين کي وفاق جي دائري ۾ غلام بڻائي انهن جو معاشي استحصال ڪيو ۽ سنڌين جي ترقي جا رستا پڻ بند ڪري ڇڏيا. جي ايم سيد کي پنهنجن سوچن يعني قومن جي برابري ۽ آزادي وارو پاڪستان نه مليو، جنهن ڪري هو اهڙي پاڪستان سان ٽڪراءُ ۾ اچي پنهنجي قوم جي طرف ٿي بيٺو. جي ايم سيد ستل سنڌي قوم کي جاڳايو ۽ آزادي جي ڳالهه ڪندي ٻڌايو ته آزادي هر قوم جو فطري حق آهي ۽ اهو ممڪن آهي. هن وڌيڪ چيو ته دنيا ۾ رڳو صالح ماڻهون يا قومون سلامت ۽ زندهه رهن ٿيو، غير صالح فنا ٿيو وڃن.
سائين جي ايم سيد جي سياست جو وڏو عرصو ٻن بلاڪن جي دور يعني سوشل ازم ۽ ڪيپيٽل ازم جي سياست جي اثر هيٺ هو پر جي ايم سيد ٻنهي نظرين سان اختلاف ڪندي نظر اچي ٿو ۽ هو هڪ الڳ نقط نظر ۽ سوچ جو مالڪ هو. بين الاقوامي ڀائيچاري جو حامي هو.
سنڌو نديءَ جي ساڄي ڪناري ننڍڙي شهرسن ۾ جي ايم سيد 30 سالن کان پنهنجي اباڻي قبرستان ۾ ستل آهي ۽ ان کانپوءِ بيشڪ سنڌ ۾ پيداواري قوتن سان گڏ پيداواري تعلقات به تبديل ٿي ويا آهن. پر جي ايم سيد جي صوفي ازم، سيڪيولرازم ۽ مذهبي رواداري سنڌي ماڻهن کي بچايو آهي.
ساڳئي وقت اها به حقيقت آهي ته سنڌ جي قومي تحريڪ بحران جو شڪار آهي ۽ درجن کان وڌيڪ ڌڙن ۾ ورهايل آهي. جيڪا عوامي سگهه بڻجڻ بدران سڪڙجي رهي آهي، جيتوڻيڪ قومي شعور وڌيو آهي ۽ وچولو طبقو مضبوط ٿيو آهي. سنڌ جي ڊيموگرافي ٻهراڙي کان شهرن طرف تبديل ٿي وئي آهي. پر سنڌ جو پڙهيو لکيو طبقو قومي تحريڪ کان گهڻو لاتعلق آهي. اهڙي صورتحال ۾ سياست کي سنجيده عمل سمجهندڙ ماڻهو هڪ نئين ڊاڪٽرائن لاءِ نهاري رهيا آهن. سنڌ کي بيشڪ هن وقت تائين فطرت جو ساٿ رهيو آهي. پر هن وقت سنڌ کي هڪ مضبوط قومي جمهوري پارٽي ۽ بهتر حڪمراني جي ضرورت آهي. آئينده ڪجهه وقت اندر اهو ڏسڻو آهي ته ڪير ٿو ان جو حل ڪڍي ۽ سنڌ کي هڪ نئين سياسي دور ڏانهن ٿو وٺي وڃي؟
جنوري 18, 2025