زالن کي پرڏيهي دورن تي گڏ وٺي وڃڻ تي بندش، ڀارتي رانديگرن لاءِ ڏهه نڪاتي هدايت ناموجاري

ممبئي (ويب ڊيسڪ) سري لنڪا، نيوزي لينڊ ۽ آسٽريليا خلاف شرمناڪ ڪارڪردگي کانپوءِ بي سي سي آءِ پاران ٽيم لاءِ 10 نڪاتي سخت هدايت نامو جاري ڪيو ويو.
بي سي سي آءِ (ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ) ٽيم لاءِ جاري ڪيل ڏهه نڪاتي هدايت نامي جو مقصد پرڏيهي دورن ۽ سيريز دوران پروفيشنل معيار کي يقيني بڻائڻ آهي.
بي سي سي آءِ هدايتن ۾ سڀ کان اهم ڳالهه اِها آهي ته رانديگرن جي پنهنجي زالن ۽ ڪٽنب سان گڏ وقت گذارڻ جو مدو گهٽايو ويو آهي، جڏهن ته رانديگر ٽيم سان گڏ سفر ڪرڻ جا پابند هوندا.
بي سي سي آءِ پاران کنيل قدمن تي تنقيد ڪندي اڳوڻي ڀارتي اسپنر هرڀجن سنگهھ جو چوڻ آهي ته بورڊ کي اهڙن معاملن بدران ميدان ۾ ٿيندڙ راند تي ڌيان ڏيڻ کپي.
هن پنهنجي يوٽيوب چينل تي چيو اوهان آسٽريليا کان سيريز هارائي، ٺيڪ آهي، جيڪڏهن اوهان نه هارائيندا ته کٽڻ جو جو مزو ڪيئن ايندو؟
هن چيو ته ڀارت نيوزي لينڊ کان هارايو، اهو به ٺيڪ آهي، جڏهن ٻه ٽيمون کيڏنديون آهن ته هڪ ٽيم کٽيندي آهي هڪ هارائيندي آهي.
سندس چوڻ هو ته ڪو چوي ٿو تو پرڏيهي دورن يا ٽورنامينٽس ۾ رانديگرن جي گهروارين کي نه اچڻ ڏيو، ان زالن جو ڪهڙو ڏوهه آهي؟ ڇا ٽيم زالن ۽ ٻارن جي ڪري هارائي ٿي؟