عمران خان ۽ بشريٰ بي بي خلاف 190 ملين پائونڊ ريفرنس جو فيصلو سڀاڻي ٻڌايو ويندو

Spread the love

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف باني عمران خان ۽ سندس گهرواري بشريٰ بي بي خلاف 190 ملين پائونڊ ريفرنس جو فيصلو سڀاڻي ٻڌايو ويندو.
ذريعن موجب عدالتي عملي طرفان ان حوالي سان عمران خان جي وڪيلن کي آگاهه ڪيو ويو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته احتساب عدالت جو جج ناصر جاويد سڀاڻي جمعي ڏينهن صبح ساڍي يارهين وڳي محفوظ فيصلو ٻڌائيندو.
واضح رهي ته 190 ملين پائونڊ ريفرنس جو فيصلو 3 ڀيرا ملتوي ٿي چڪو آهي.

جنوري 16, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو