”گوادر واسين جا مطالبا مڃڻ بدران دٻاءٌ وڌو پيو وڃي“
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) نيشنل پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ سينٽر جان محمد بليدي سينيٽ ۾ خطاب ڪندي چيو ته هڪ مهيني کان گوادر ۾ ڌرڻو هڻي سموريون پارٽيون احتجاج ڪري رهيون آهن. هنن مطالبو ڪيو ته سرحدي واپار ۾ رڪاوٽون هٽايون وڃن.
غيرقانوني چيڪ پوسٽون ختم ڪيون وڃن ۽ بلوچ سمنڊ ۾ غير قانوني مڇي مارڻ تي پابندي لڳائي وڃي پر افسوس جي ڳالهه اها آهي ته هڪ مهينو گذرڻ باوجود سمورين ڌرين جا مطالبا مڃڻ بجاءِ آل پارٽيز جي ڪنوينرجي گهر تي پوليس ڇاپو هنيو، سندس رهائشگاهه ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيو آهي، مٿس هڙتال ۽ ڌرڻو ختم ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وڌو پيو وڃي. هن چيو ته بلوچستان ۾ سياسي فضا ڏينهون ڏينهن گهٽ ٿي رهي آهي،
ڪوئيٽا جي هڪ تڪ تي 15 تڪ تي ٿيل چونڊن ۾ سياسي پارٽين کي پيغام ڏنو ويو ته بلوچستان ۾ سياست جي ڪا به جاءِ ناهي. سرڪاري رٽ ختم ٿي وئي آهي، پر رياست ۽ حڪومت پنهنجون ذميواريون پوريون نه ڪري رهي آهي، حڪومت سينيٽ جهڙن ادارن کي ڪا به اهميت نه ڏئي رهي آهي،
هڪ سال گذري ويو آهي ته پر وزيراعظم سڄي دنيا جو دورو ڪري رهيو آهي، سينيٽ کان ٻاهر هر اداري ۾ وڃي رهيو آهي،پر اڄ تائين سينيٽ ناهي آيو. جيڪا ڳالهه هن عورتن جي عالمي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چئي اها هتي ئي چوڻي آهي.
جنوري 16, 2025