پاڪستان چيمپيئنز ٽرافي لاءِ شروعاتي اسڪواڊ جمع ڪرائي ڇڏيو

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي لاءِ 20 رانديگرن تي ٻڌل شروعاتي اسڪواڊ جمع ڪرائي ڇڏيو.
آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي لاءِ شروعاتي اسڪواڊ جمع ڪرائڻ جي اڄ آخري تاريخ آهي، ذريعن موجب پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ شروعاتي اسڪواڊ ۾ 20 نالا موڪليا آهن.
پي سي بي ذريعن موجب شروعاتي اسڪواڊ لاءِ موڪليل 20 نالن جو في الحال اعلان نه ڪيو ويندو، 11 فيبروري تي حتمي اعلان تائين پاڪستان ٽي ملڪي سيريز جون ٻه ميچون به کيڏي چڪو هوندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته حتمي اسڪواڊ تائين صائم ايوب جي حوالي سان ڪليئرٽي به اچي ويندي، جڏهن ته شروعاتي اسڪواڊ ۾ شامل رانديگر ٽي ملڪي سيريز کيڏندا.
ذريعن موجب 11 فيبروري تائين ٽيمن جي اعلانيل شروعاتي اسڪواڊ ۾ آءِ سي سي جي منظوري بنا تبديلي ڪري سگهجي ٿي پر 12 فيبروري کانپوءِ اعلانيل اسڪواڊ ۾ آءِ سي سي جي ٽيڪنيڪل ڪميٽي جي اجازت کانپوءِ ئي تبديلي ڪري سگهجي ٿي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي شروعاتي اسڪواڊ ۾ صائم ايوب جو نالو به شامل آهي، جڏهن ته ٻين رانديگرن ۾ محمد رضوان (ڪپتان)، بابر اعظم، طيب طاهر، عرفان نيازي، سفيان مقيم، محمد حسنين، عبدالله شفيق، نسيم شاهه، عثمان خان، شاهين آفريدي، حارث رئوف، ابرار احمد، ڪامران غلام، سلمان آغا، امام الحق، فخر زمان، حسيب الله، عباس آفريدي شامل آهن.
ذريعن موجب حتمي اسڪواڊ ۾ اوپنر عبدالله شفيق ۽ مڊل آرڊر بيٽر عثمان خان جي شموليت جا امڪان گهٽ آهن.