پي ٽي آءِ جي اسپيڪر کي ڳالهين لاءِ اجلاس سڏائڻ جي درخواست
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪِ انصاف ( پي ٽي آءِ ) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق کان ڳالهين واري ڪميٽين جو اجلاس سڏائن جي درخواست ڪري ڇڏي.
اسپيڪر آفيس جي ذريعن موجب، پي ٽي آءِ قومي اسيمبلي اسپيڪر اياز صادق کان مذاڪراتي ڪميٽين جو ٽيون اجلاس سڏائڻ جي درخواست ڪئي آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ جي درخواست تي سردار اياز صادق جلد ئي حڪومت ۽ پي ٽي آءِ جي مذاڪراتي ڪميٽين جو اجلاس سڏائڻ جي خاطري ڪرائي آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته اسپيڪر اياز صادق ان معاملي تي اڄ حڪومت ۽ اپوزيشن سان مشاورت پڻ ڪندو.
واضح رهي ته حڪومت ۽ اپوزيشن جي وچ ۾ ڳالهين جا 2 دور مڪمل ٿي چڪا آهن جڏهن ته ٽيون اجلاس ڪجهه ڏينهن اندر ٿيڻ جو امڪان آهي جنهن ۾ پي ٽي آءِ طرفان حڪومت کي لکت ۾ مطالبا پيش ڪيا ويندا.
