انسٽاگرام تي ڪهڙي اداڪارا جا فالوئرز وڌيڪ آهن؟
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني اداڪارائن مان انسٽاگرام تي ڪنهن جا فالوئرز وڌيڪ آهن؟ ڊمپل گرل هانيا عامر ان ڊوڙ ۾ عائزا خان ۽ سارا خان کي پوئتي ڇڏي ڏنو.
هانيا عامر انسٽاگرام تي فالوئرز جي ڊوڙ ۾ سڀني کي پوئتي ڇڏيندي 17 ملين فالوئرز حاصل ڪندڙ پهرين پاڪستاني اداڪارا بڻجي وئي.
اهو سنگ ميل هانيا عامر کي پاڪستان جي انهن ڪجهه سليبرٽيز ۾ شامل ڪري ٿو، جن سڄي دنيا ۾ ايڏي وڏي فالوئنگ حاصل ڪئي.
پاڪستاني اداڪارائن ۾ ٻئي نمبر تي عائزا خان آهي، جنهن جي فالوئرز جو انگ 14.4 ملين آهي، جڏهن ته ٽئين نمبر تي موجود سارا خان کي 12 ملين ماڻهن فالو ڪيو آهي.
