افغانستان چيمپيئنز ٽرافي لاءِ 15 رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو

ڪابل (ويب ڊيسڪ) افغانستان آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي لاءِ 15 رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
حشمت الله شاهدي افغان ٽيم جي قيادت ڪندو، جڏهن ته ٻين رانديگرن ۾ رحمت شاهه، رحمان الله گرباز، اڪرام علي خيل، ابراهيم زادران، صديق الله اتل، عظمت الله عمرزئي، محمد نبي، گلبدين نائب، راشد خان، اي ايم غضنفر، نور احمد، فضل حق فاروقي، نويد زادران ۽ فريد احمد شامل آهن.
ان کانسواءِ درويش رسولي، ننگيال خروٽي ۽ بلال سميع کي ريزرور پليئرز ۾ شامل ڪيو ويو آهي.