نواز شريف جا 9 سال ڪڍي ڇڏيو ته کنڊرن کانسواءِ ڪجهه نٿو بچي: مريم نواز

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ن ليگ جي چيف آرگنائيزر مريم نواز چيو آهي ته اقتدار وڃڻ تي نواز شريف ڪڏهن آمريڪا کان مدد نه گهري، نواز شريف جا 9 سال ڪڍي ڇڏيو ته کنڊرن کانسواءِ ڪجهه نٿو بچي.

ن ليگ جي جنرل ڪائونسل اجلاس سان خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته نواز شريف هتي هر ڪنهن جي دل ۾ آهي، توهان سڀني جي مهرباني جو توهان پنهنجي سرپرستي سان نوازيو، سڀني چونڊيل ميمبرن کي دل جي گهرائين سان مبارڪباد پيش ڪيان ٿي، شهباز شريف کي به ڀيٽا پيش ڪيان ٿي.

هن چيو ته جيڪو شخص ايمانداري جا ڀاشن ڏيندو هو، اهو ڪرپشن ۾ ٻڏل آهي، عوام ليڊر جي روپ ۾ گدڙ ڏٺو، نواز شريف کي مِٽائڻ وارا ڪيترائي آيا ۽ هليا ويا.

سندس چوڻ هو ته نواز شريف ذاتي مفاد تي ڪڏهن به ملڪي مفاد کي ترجيح نه ڏني، ٻين ملڪن جي سينيٽرن کي چيو ويندو آهي ته منهنجي لاءِ بيان ڏيو، نواز شريف اقتدار وڃڻ تي ڪڏهن آمريڪا کي نه سڏيو، اسان تي ڏکيو وقت آيو پر اسان بهادري سان منهن ڏنو.

جُون 16, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو