جمهوري نظام ۽ شاگرد تنظيمن جي بحالي وارو سوال

Spread the love

خدا بخش بروھي

ڪجهه  ڏينهن اڳ ڪورٽ طرفان شاگرد يونين جي بحالي جو مسئلو ٻيهر نمايان ٿيو آھي ان ڪري شاگردن ۾ ھڪ اميد پيدا ٿي  آهي ته ھو وري منظم ٿي پنھنجي بنيادي مسئلن جي حل خاطر ڪم ڪري سگھندا.  ساڳي ريت سينيٽ جي  ڪميٽي براءِ تعليم ۽ تربيت عدالت اعليٰ جي فيصلي تي فوري عملدرآمد جو مطالبو ڪيو آهي، جنهن ۾ ھن شاگرد يونينن  جي بحالي جو حڪم ڏنو آھي ۽ ان ڪميٽي اھو  به  واضح ڪيو آهي ته پهريان تعليمي ادارن ۾ شاگرد اڳواڻ پيدا ٿيندا هئا تعليم سان گڏ سياست ڪندا ھئا، جنھن تحت هڪ نئين نسل سياست ۾ داخل ٿيندي ھئي جڏھن ته ان سان گڏ سياسي پارٽيون شاگرد يونينون ٺاھيون انھن  به سندن لاءِ ڪم ڪيو پر اھو  به ٿيو آھي ڪجهه تنظيمن  بجاءِ تعليم جي مقصد جي اصل حاصلات جي رڳو سياسي نسلي مذھبي  پارٽين جي ايجنڊا تي ڪم ڪيو جنھن تحت تعليم تي ان جو خراب اثر پوڻ شروع ٿيو.شاگرد يونين تعليمي ادارن ۾ شاگردن جي حقن جي تحفظ، انهن جي فلاح ۽ بهبود، ۽ معاشرتي ۽ سياسي شعور کي وڌائڻ لاءِ قائم ڪئي ويندي آهي، دنيا ۾  شاگردن جي تنظيم جي شروعات  يورپ جي يونيورسٽين بولونيا ۽ ايڊنبرا يونيورسٽي ۾ ٿي ، جتي شاگردن پنهنجن مسئلن جي حل لاءِ منظم ٿيڻ لڳا آھن  انهن تنظيمن تعليمي معيار کي بهتر بڻائڻ، فيسن جي مسئلن، ۽ انتظامي زيادتين خلاف آواز بلند ڪيو آھي  وقت سان گڏ اهي تنظيمون تعليمي پاليسين تي اثرانداز ٿيڻ، شاگردن جي فلاح لاءِ منصوبن جي متعارف ڪرائڻ، ۽ سماجي مسئلن جي حل ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آھي پر اسان وٽ  عام راءِ اھا آھي ته اسڪول ڪاليج کان وٺي يونيورسٽين تائين جيڪي شارگرد تنظيم ھيون انھن بجاءِ صحيح  تعليم جي حاصلات جي رڳو احتجاجن تنظيمي ۽ گروھي، مذھبي معاملن کي ترجيح ڏني آھي اھي دنيا جي شاگرد تنظيمن جي ابتڙ  بنا مقصد حاصل ڪرڻ جي درسگاھن جي سطح تي نقصان ڪيو آھي شاگرد تنظيمن دنيا ۾ جيڪو ڪم ڪيو آھي اھڙو ڪم جيڪڏھن اسان جي شاگرد تنظيمن ڪيو ھجي ھا ته اڄ گھر گھر مان ڊاڪٽر انجنيئر فلاسفر نڪتل ھجن ھا،

اسين دنيا جي شاگرد تنظيمن جي ڪم کي  ڏسنداسين خبر پوندي ته پھرين ۽ ٻي عالمي جنگ دوران جتي دنيا تباھ جي ڪناري پھتي ھئي گولين بمن جي استعمال جي ڪري  لکين ماڻھو بي مقصد موت جي ننڊ سمھاريا ويا ھئا ان وقت شاگرد تنظيمن جيڪو ڪردار ادا ڪيو اھو تاريخ جي ورقن تي سونھري اکرن سان لکڻ جھڙو آھي. انھن نه فقط  امن تحريڪن ۾ حصو ورتو، پر آزاديءَ جي تحريڪن ۾  به پنهنجو فعال ڪردار ادا ڪيو، تباھي ڏانھن ويندڙ دنيا کي وري اڏڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو مڃون ٿا ماضي ۾ پاڪستان ۾ پڻ شاگرد يونينن  جو وڏو ڪردار رهيو آهي پاڪستان ۾ شاگرد يونينز جي تاريخ ملڪ جي سياسي ۽ تعليمي تاريخ جو اهم حصو رهي آهي اهي يونينون هميشه شاگردن جي حقن جي نمائندگي ڪندڙ، تعليمي ادارن ۾ جمهوري روايتن کي هٿي ڏيندڙ، ۽ قومي اڳواڻي جي نرسري ثابت ٿيون آهن

قيام پاڪستان کان وٺي 1970ع جي ڏهاڪي تائين شاگرد تنظيمون سياسي تحريڪن ۾ انقلابي ڪردار ادا ڪيو ھو انھي دوران ڪافي نقصان  به ٿيا ۽ فائدا  به ٿيا  1968ع  دوران  راولپنڊي ۾ شاگردن ۽ پوليس جي وچ ۾ جهيڙن ملڪ گير تحريڪ کي جنم ڏنو ھو اهو پهريون ڀيرو ٿيو  جو اوڀر پاڪستان جا شاگرد اولهه پاڪستاني جي شاگردن سان گڏ حڪومت خلاف تحريڪ ۾ شامل ٿيا اھي ايترو زور وٺي ويا  جيترو تازو شيخ  حسينا واجد جي حڪومت کي شاگردن گھر ڀيڙو ڪيو.جنرل ضياءَ الحق جي دور ۾ شاگرد يونين کي منظم طريقي سان دٻايو ويو، ۽ 1984ع ۾ مارشل لا جي دور ۾ انهن تي پابندي لڳائي وئي ھئي اڳتي ھلي جمهوري حڪومتن  به  ان پابندي کي برقرار رکيو ۽ پر ڪو اثرائتو قانون منظور نه ڪيو ويو.

اسين مجموعي طور تي ڏسنداسين ته شاگرد يونينون جمهوري تربيت جو بنياد ھونديون  آهن اهي تنظيمون نه رڳو شاگردن جي آواز بڻجن ان کي بلند ڪن ٿا، پر انھن جي صلاحيتن کي  به پروان چڙهائين ٿا. سنڌ اسيمبلي طرفان منظور ڪيل “Sindh Students Union Act” پڻ اهم آهي، جنهن تحت تعليمي ادارن ۾ شاگرد يونين جي چونڊن کي يقيني بڻائڻو هو، پر ٻه سال کان وڌيڪ عرصو گذرڻ باوجود اهو قانون عملي صورت اختيار نه ڪري سگهيو ان کي جيڪڏھن گھرائي سان ڏسنداسين ته اھو  به ان ڪري نه  ٿيو آھي جو ماضي۾ اسان وٽ تعليمي حوالي سان شاگرد تنظيمن مايوس ڪيو آھي ان ڪري اسيمبلين کي انھن جي بحالي ۾ خاص دلچسپي نه رھي آھي.  پاڪستاني حڪومتون شاگرد يونينن جي درسگاھن اندر ٿيندڙ مسلسل احتجاج تعليمي سرشتي کي ھر ھر معطل ڪرڻ ۽ ٻين غير ضروري سرگرمين کان تقريبن  خوفزدہ ھونديون  آهن؟ شاگرد يونينز جمهوري نظام جي بنياد آهن، پر ڪٿي ڪٿي تعليمي ادارن جي  امن کي داءُ تي لڳايو اٿن جتي نوجوان قيادت قومي ۽ عالمي مسئلن تي کليءَ طرح بحث مباحثو ڪري سگھن اتي ان مسئلي کي ترجيح نه ڏني وئي آھي محض لساني گروھي، مذھبي  فرقيواريت واري سياست کي ترجيح ملي آھي  بھرحال  عدالت اعليٰ جي 24 آڪٽوبر 2024ع جي فيصلي باوجود شاگرد يونين جي چونڊن جو انعقاد نه ٿي سگهيو،آھي جيڪو آئين جي آرٽيڪل 17 جي تحت ڏنل بنيادي حق جي خلاف ورزي آهي.

شاگرد يونينز تي پابندي سبب تعليمي ادارا گروپ بندي، تڪرارن ۽ جمهوري عمل جي کوٽ جهڙن مسئلن کي منهن ڏئي رهيا آهن.  شاگردن کي ٻيهر ھڪ ضابطي تحت سياست ۾ شامل ڪيو وڃي هي پابندي رڳو جمهوريت ۽ سياست جي مخالفن کي فائدو پهچائڻ لاءِ نه لڳائي وڃي ،پر مٿي ذڪر ڪيل مسـئلا  به آھن انھن جو حل  به ڪڍڻ  به  لازمي آھي اھا پابندي ساڳي وقت  نوجوانن کي سماجي ۽ سياسي شعور کان محروم ڪيو آھي ان جو نتيجو اهو ٿيو آهي ته ملڪ جو تعليمي نظام رڳو نوڪري پيشه ماڻھو پيدا ڪرڻ جو ذريعو بڻجي ويو آهي ۽ ملڪ جو مستقبل حقيقي قيادت کان محروم ٿيڻ واري عمل طرف وڌي رھيو آهي. ڪورٽ جو فيصلو پنھنجي ھڪ سٺي روايت آھي  شاگرد يونين جي بحالي وقت جي اهم ضرورت آهي حڪومت کي گھرجي فوري طور عدالت اعليٰ جي فيصلي تي عملدرآمد ڪندي شاگرد يونينز کي بحال ڪري  ان فيصلي سان هڪ باشعور، جمهوري، ۽ پرامن سماج جي تعمير ۾ مدد ملندي، جيڪو پاڪستان جي روشن مستقبل جي ضمانت بڻجي سگهي ٿو. پر شرط اھو  به ھجڻ ضروري آھي ته  تعليمي حاصلات جي مقصد کي پھرين ترجيح ڏني وڃي ان کان پوءِ  باقي سياسي مقصد  ھجن جيئن سياست ۾ ھڪ پڙھيل لکيل باشعور نوجوانن جي اڪثريت شامل ٿئي جيڪو ملڪي ترقي ۾ پنھنجو ڪردار ادا ڪري.

جنوري 9, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو