” مان توسان محبت ڪريان ٿي“ ڀارتي صحافڻ جي سوال تي ڪمنز ڪهڙو جواب ڏنو

Spread the love

پيٽ ڪمنز جو نالو تازو ختم ٿيندڙ بارڊر گواسڪر ٽرافي ۾ پنهنجي ٽيم کي ڀارت خلاف شاندار فتح ڏيارڻ کانپوءِ تاريخ جي عظيم آسٽريلوي ڪپتانن ۾ شامل ٿي چڪو آهي.
سيريز دوران ڀارتي براڊڪاسٽرز سان ڳالهه ٻولهه دوران پيٽ ڪمنز دلچسپ گفتگو ٿي جنهن جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي.
وائرل وڊيو ۾ عورت صحافڻ چيو ته ” ڀارت ۾ اوهان جي تمام گهڻي فين فالوونگ آهي، خاص طور تي عورتون اوهان جون مداح آهن، ڪيئي عورتون اوهان سان محبت ڪن ٿيون جنهن ۾ مان ۽ منهنجي ساهيڙي به شامل آهي.“
صحافڻ پنهنجي ڳالهه جاري رکندي چيو ته ” منهنجي ساهيڙي ميسج ڪري چيو ته تون پيٽ ڪمز سان ملي رهي آهي، تون واقعي خوش قسمت آهي، مون کي توسان ساڙ ٿي رهيو آهي، اسان ڄاڻو ٿا ته اوهان شادي شده آهيو پر پوءِ به اوهان عورتن جي اهڙي عمل کي ڪيئن منهن ڏيو ٿا؟ “
جواب ۾ آسٽريلوي ڪپتان چيو ته ” مون ان معاملي جي خبر ناهي، مان رڳو پنهنجي ڪم سان ڪم رکڻ وارو ماڻهو آهيان.“
عورت ٻيهر سوال ورجائيندي پڇيو ته ” ڇا اوهان کي واقعي خبر نه آهي؟ “ جواب ۾ ڪرڪيٽر چيو ته ” مان ڄاڻان ٿو ته ڀارت ۾ منهنجا مداح آهن، هوٽل ۾ ٽيم سان گڏ هئڻ سبب منهنجي مداحن سان گهڻي ڳالهه ٻوله” مان توسان محبت ڪريان ٿي“ ڀارتي صحافڻ جي سوال تي ڪمنز ڪهڙو جواب ڏنوه ناهي ٿي سگهندي. “

جنوري 8, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو