سپريم ڪورٽ بار 26 هين آئيني ترميم چئلينج ڪري ڇڏي

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ بار جي سيڪريٽري سلمان منصور 26 هين آئيني ترميم کي چئلينج ڪري ڇڏي.
سپريم ڪورٽ بار سيڪريٽري جي درخواست ۾ 26 هين آئيني ترميم کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي.
درخواست ۾ ججز جي انگ ۾ واڌ ۽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر قانون ۾ ترميم کي پڻ ڪالعدم قرار ڏيڻ جي درخواست ڪئي وئي آهي.
درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته آئيني ترميم بنيادي حقن ۽ عدليا جي آزادي جي اصولن سان سڌو سنئون ٽڪراءُ آهي، جڊيشل ڪميشن ۾ ايگزيڪيوٽو جي اڪثريت عدليا جي معاملي ۾ مداخلت آهي.
سپريم ڪورٽ بار جي سيڪريٽري جو چوڻ آهي ته 26 هين آئيني ترميم لاءِ اختيار ڪيل طريقيڪار ڪنهن به صورت ۾ جهموري ناهي، ۽ ڪيترن ئي پارليامينٽرين دٻاءُ ۽ اغوا ڪرڻ جا الزام لڳايا آهن.
درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته جڊيشل ڪميشن کي ججز جي مقرر کان روڪڻ، آئيني ترميم تحت ٿيندڙ مقرريون ۽ سمورا قدم ڪالعدم قرار ڏنا وڃن.

جنوري 8, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو