بلوچستان ۾ سيٽون وڌائڻ جو آئيني ترميمي بل سينيٽ ڪميٽي مان منظور

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سينيٽ جي قانون ۽ انصاف بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي بلوچستان ۾ سيٽون وڌائڻ جي آئيني ترميمي بل جي منظوري ڏئي ڇڏي.
سينيٽر فاروق ايڇ نائيڪ جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ بلوچستان ۾ سيٽون وڌائڻ بابت آئيني ترميمي بل بابت ٺاهيل ذيلي ڪميٽي جي رپورٽ پيش ڪئي وئي.
سينيٽر ضمير حسين چيو ته اسان تجويز ڪيو آهي ته بلوچستان ۾ سيٽن کي 65 مان 80 ڪيو وڃي، جڏهن ته سينيٽر ڪامران مرتضيٰ جو چوڻ هو ته جيڪڏهن سيٽون وڌائڻيون آهن ته قومي اسمبلي ۾ وڌايو.
فاروق ايڇ نائڪ چيو ته رپورٽ ۾ اهو ناهي ته عورتن ۽ اقليتن جون سيٽون ڪيتريون هونديون، اسان هي بل قانون واري وزارت کي موڪلي ٿا ڇڏيون.

جنوري 8, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو