سنڌ جي شاندار روايتن جو زوال: اسان ڪيڏانهن پيا وڃون؟

Spread the love

عبدالغفور سروهي

سنڌ، جيڪا محبت، اخلاص ۽ انسانيت جي هڪ لازوال علامت رهي آهي، اڄ ان جي سڃاڻپ کي زوال جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي. اهو خطو، جيڪو هميشه مهمان نوازي، ڀائيچاري ۽ اجتماعي اخلاقيات ۾ پنهنجو مٽ پاڻ رهيو، اڄ بيحسي، ڏيکاءُ، ۽ غيرضروري رسمن جي ور چڙهيل نظر اچي ٿو. سنڌي سماج جيڪو صدين کان پنهنجي قدرن جي مالا ۾ پرويل هو، اڄ ان جي روايتن کي نئون روپ ڏنو ويو آهي، جتي خلوص کان وڌيڪ رواج ۽ محبت کان وڌيڪ مقابلو حاوي ٿي ويو آهي.

ڪڏهن سوچيو اٿو ته اسان وٽ جيئرو انسان جيترو قيمتي آهي، اوترو مرڻ بعد ڇو ٿو بڻجي؟ فوتگي تي ڏيکاءُ، جنازي تي وڏو هجوم پر جيئري ڪنهن کان پڇڻ وارو ڪير به ناهي؟ شاديون محبت جو اظهار هجڻ گهرجن پر هاڻ صرف دولت ۽ طاقت جي نمائش بڻجي ويون آهن. بيمار ماڻهو علاج لاءِ مدد گهرندو پر ماڻهو کيس نظرانداز ڪنداپوءِ به جڏهن فوت ٿيندو ته تعزيت لاءِ ڪيڏي نه ڀيڙ لڳندي!

ڇا اسان ان سماج جو حصو بڻجي چڪا آهيون، جتي خلوص جو موت ٿي چڪو آهي؟ جتي محبت جي جاءِ تي ڏيکاءُ اچي ويو آهي؟ جيڪڏهن ها ته پوءِ اسان لاءِ اهو وقت آهي ته ان تبديلي جي سنجيدگي سان جائزو وٺون.

قديم سنڌ_محبت ۽ اخلاقيات جي ڌرتي:

سنڌ جو سماج سدائين اجتماعي ڀلائي ۽ اخلاقي قدرن تي ٻڌل رهيو آهي، تاريخ ٻڌائي ٿي ته سنڌي ماڻهو اوطاقن ۾ گڏ ويهندا هئا، جتي امير ۽ غريب ۾ فرق نه ٿيندو هو، شادين ۾ خاندانن جو گڏجڻ محبت جو اظهار هوندو هو، نه ڪي مقابلو. فوتگين ۾ ماڻهن جو گڏ ٿيڻ ڏک ورهائڻ لاءِ هوندو هو نه ڪي ڪير ڪيترو کارائيندو جو مقابلو.

خيرات جو تصور بلڪل صاف ۽ پاڪيزه هو، هڪ ماڻهو جيڪڏهن بکايل هو ته ٻي جي مدد ڪرڻ فرض سمجهيو ويندو هو. عيادت هڪ عبادت هئي نه ڪي ڏيکاءُ جو وسيلو پر پوءِ وقت سان گڏ، انهن سڀني خوبصورت روايتن کي هڪ نئين، بدبودار ۽ خودغرضي تي ٻڌل معاشري تبديل ڪري ڇڏيو.

بدبودار روايتن جو وڌندڙ طوفان:

اڄ سنڌ جي سماجي روايتن ۾ هڪ نئون رخ اچي ويو آهي، جيڪو نه صرف غيراخلاقي آهي پر اسان جي اصل سڃاڻپ کي به ختم ڪري رهيو آهي.

  1. فوتگين تي ڏيکاءُ ۽ بيحسي

فوتگي هميشه صدمو، ڏک، ۽ انساني همدردي جو نالو هو. پر اڄ؟

تڏي تي مقابلا ٿين ٿا—ڪير وڌيڪ ماڻهو کارائيندو، ڪير ماني، چانهه، ۽ شربت جو بندوبست ڪندو؟

واڳون وارا ڳوڙها—جيئري ڪنهن جي سار نه ٿي، پر مرڻ بعد ماڻهو انڌاڌنڌ تعزيت لاءِ ايندا.

ڏيکا لاءِ خيرات—جيڪو غريبن جو حق آهي، ان کي به رسم ۽ دعوتن ۾ تبديل ڪيو ويو آهي.

فوتگي هڪ اهڙو وقت آهي، جتي خاندان جي دل جو بار گهٽ ڪرڻ گهرجي، پر هاڻ کين اهو سوچڻو پوي ٿو ته ڪير ڇا چوندو؟ تڏي تي چانهه، ماني، ۽ انتظام نه ٿيو ته ماڻهن جو ڇا خيال ٿيندو؟

  1. شادين ۾ بيجا خرچ ۽ فرقي بازي

اسان جون شاديون اڳي محبت جو اظهار هونديون هيون، جتي خاندان گڏ ٿيندو هو. پر اڄ:

وي آءِ پي ڪلچر—شاديءَ ۾ عام ۽ خاص مهمانن جي تقسيم، مهانگي تقريبون، غير ضروري رسمن تي خرچ!

فضول مقابلا—هڪ خاندان ٻئي کان وڌيڪ ڏيکاءُ ڪرڻ جي چڪر ۾ قرضي بڻجي وڃي ٿو.

مذهب کان پاسو—اسلام سادگي سيکاري ٿو، پر اسان شادين کي حد کان وڌيڪ پُرتڪلف بڻائي ڇڏيو آهي.

شادي محبت جو اظهار هجڻ گهرجي، نه ڪي ڪنهن جي دولت ۽ حيثيت جو مقابلو.

  1. بيمار ۽ غريب لاءِ بيحسي

هڪ بيمار ماڻهو جي عيادت ڪرڻ بدران، ڏيکا لاءِ گفٽ کڻي وڃڻ!

علاج لاءِ ڪو پئسا نه ڏيندو، پر موت بعد وڏي جنازي تي ضرور شرڪت ڪندو.

سماج ۾ محبت جي بدران منافقي جو رجحان وڌي رهيو آهي.

اسان ڪيئن هتي پهتاسين؟

اسان جو معاشرو هتي ڪيئن پهتو؟ جواب سادو آهي:

مادي سوچ ۽ مقابلو—هرڪو پاڻ کي ٻين کان بهتر ثابت ڪرڻ لاءِ فضول خرچي ۾ مصروف آهي.

سوشل ميڊيا جو غلط اثر—هاڻ تقريبن جو اصل مقصد تصويرون ۽ وڊيوز بڻجي ويو آهي.

مذهبي ۽ ثقافتي بگاڙ—اصلي اخلاقيات بدران، بيجا رسمون اهم بڻايون ويون آهن.

اسان جي اخلاقي زوال جو سفر تباهي جي ڪناري تي پهچي چڪو آهي.

واپسي جو رستو: اسان ڇا ڪري سگهون ٿا؟

اسان جي معاشري کي بهتر بنائڻ لاءِ اسان کي عملي قدم کڻڻا پوندا.

  1. غيرضروري رسمن جو خاتمو

شاديون ساديون ۽ سستيون ڪجن.

فوتگين تي بيجا خرچ ختم ڪجن.

خيرات کي خيرات ئي رهڻ ڏجي، ڏيکاءُ نه بڻائجي.

  1. شعور پيدا ڪريون

تعليم ذريعي ماڻهن کي اصل سنڌي ثقافت بابت آگاهي ڏيون.

سوشل ميڊيا جي غلط اثرن کان بچون.

  1. محبت ۽ اخلاص کي ٻيهر مضبوط ڪريون

جيئري ماڻهن جي سار سنڀال رکون، مرڻ بعد نه فقط رسمون نڀايون.

سماجي سهڪار کي ٻيهر مضبوط ڪريون.

حاصل مقصد سنڌ کي سنڌ رهڻ ڏيون!

اسان وٽ رڳو هڪڙو ئي رستو آهي:

ماضي جي شاندار روايتن ڏانهن واپسي

بيجا رسمن جو خاتمو

محبت، اخلاص، ۽ اصل سنڌي اخلاقيات کي ٻيهر زنده ڪرڻ

اچو ته گڏجي پنهنجي سنڌ کي بچايون، ان کان اڳ جو اسان هميشه لاءِ پنهنجن اصل روايتن کان محروم ٿي وڃون!

جنوري 5, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو