عمران خان ۽ بشريٰ بي بي خلاف 190 ملين پائونڊ ريفرنس جو فيصلو وري ملتوي

Spread the love

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم عمران خان ۽ سندس گهرواري بشريٰ بي بي خلاف 190 ملين پائونڊ ريفرنس جو فيصلو هڪ ڀيرو ٻيهر ملتوي ٿي ويو.
عمران خان ۽ بشريٰ بي بي کي 190 ملين پائونڊ ريفرنس ۾ سزا ٿيندي يا نه؟ ان حوالي سان احتساب عدالت جي جج ناصر جاويد راڻا کي سڀاڻي فيصلو ٻڌائڻو هو.
عدالت فيصلو 18 ڊسمبر تي محفوظ ڪيو هو، اڳ ۾ فيصلي جي تاريخ 23 ڊسمبر مقرر ڪئي وئي پر اها ملتوي ڪندي نئين تاريخ 6 جنوري مقرر ڪئي وئي هئي.
ذريعن موجب ريفرنس جو فيصلو هڪ ڀيرو ٻيهر ملتوي ڪيو ويو آهي ۽ فيصلو سڀاڻي نه ٻڌايو ويندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته فيصلي جي نئين تاريخ بابت سڀاڻي وڪيلن کي آگاهه ڪيو ويندو.

جنوري 5, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو