بشريٰ بي بي پي ٽي آءِ جي قانوني معاملن ۾ به مداخلت ڪرڻ لڳي
پشاور (ويب ڊيسڪ) بشريٰ بي بي پاڪستان تحريڪِ انصاف جي سياسي معاملن کانپوءِ قانوني معاملن به مداخلت ڪندي وڪيلن ۽ انصاف لائرز فورم جي ٽيمن کي تبديل ڪري ڇڏيو.
ذريعن موجب، عمران خان جي گهرواري بشريٰ بي بي وڪيل قاضي انور ذريعي سموري ملڪ جي وڪيلن جي فهرست گهرائي ورتي آهي، قاضي انور ۽ مشعال يوسفزئي بشريٰ بي بي کي وڪيلن جي معاملن تي رپورٽ ڪندا.
ذريعن جو چوڻ آهي ته بشريٰ بي بي قاضي انور کي ڪيسن تي حمتي مشاورت لاءِ پابند ڪري ڇڏيو آهي ۽ وڪيل کي پي ٽي آءِ باني تائين پيغام پهچائڻ کان روڪي ڇڏيو هي.
ذريعن موجب، هلندڙ هفتي ڪي پي جي وڪيل عهديدارن جي تبديلين تي حتمي مشاورت بشريٰ بي بي کان ڪئي وئي، بشريٰ بي بي وڪيلن جا تڪرار حل ڪيا ۽ پي ٽي آءِ باني کي آگاهه ڪيو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته قاضي انور وڪيلن جي قيادت جي ڪوتاهين ۽ مسئلن بابت بشريٰ بي بي کي آگاهه ڪيو.
