ڪرم: ڊپٽي ڪشمنر جي قافلي تي حملو، جاچ ادارن جي رپورٽ سامهون اچي وئي

Spread the love

پشاور (ويب ڊيسڪ) ڪرم ۾ ڊپٽي ڪمشنر جي قافلي تي حملي بابت جاچ ادارن ابتدائي رپورٽ تيار ڪري ورتي.
رپورٽ موجب، اڄ امن معاهدي تحت دوائن ۽ خوراڪ جي سامان جو پهريون قافلو ڪرم لاءِ روانو ٿيو هو، جنهن کانپوءِ افسوسناڪ واقعو صبح 10 لڳي 35 منٽ تي پيش آيو.
ابتدائي رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته قافلو روانو ٿيڻ کان اڳ مذاڪراتي ٽيم روڊ کولرائڻ لاءِ ڳالهيون ڪري رهي هئي ته هٿياربند شرپسندن ڊپٽي ڪمشنر جاويد محسود ۽ سرڪاري گاڏين تي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ ڊپٽي ڪمشنر سميت هڪ پوليس ۽ هڪ ايف سي اهلڪار زخمي ٿيو.
پوليس ۽ جاچ ادارن گڏجي ابتدائي جاچ رپورٽ ترتيب ڏني آهي، جنهن بابت صوبي جي حڪومت کي پڻ آگاهه ڪيو ويو آهي.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڊپٽي ڪمشنر ڪُرم جي قافلي تي حملي ۾ ملوث شرپسندن عنصرن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.

جنوري 4, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو