ڪرم ۾ سرڪاري گاڏين جي قافلي تي حملو، ڊپٽي ڪمشنر سميت 6 ڄڻا زخمي
ضلعي انتظاميا موجب، لوئر ڪرم جي عالئقي بگن ۾ ضلعي انتظاميا جي گاڏيءَ مٿان فائرنگ ڪئي وئي جنهن جي نتيجي ۾ ڊپٽي ڪمشنر جاويد الله محسود زخمي ٿي پيو.
ضلعي انتظاميا جو چوڻ آهي ته زخمي ڊپٽي ڪمشنر کي اسپتال نيو ويو، جنهن بعد کيس هيليڪاپٽر ذريعي پشاور منتقل ڪيو ويو آهي.
پوليس جو چوڻ آهي ته لوئر ڪرم علائقي بگن ۾ وقفي وقفي سان فائرنگ جو سلسلو جاري آهي.
پوليس موجب، بگن ۾ فائرنگ ۾ هڪ ايف سي اهلڪار، هڪ پوليس اهلڪار ۽ ٽي واٽهڙو به زخمي ٿيا جن کي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.
آر پي او ڪوهاٽ تصديق ڪندي ٻڌايو ته بگن ۾ فائرنگ سبب ڊپٽي ڪمشنر ڪرم زخمي ٿي پيو آهي، فائرنگ ڌرين ناهي ڪئي، اڻڄاتل ماڻهن طرفان ڪئي وئي آهي، جوابدارن جي ڳولا جاري آهي، علائقي ۾ سرچ آپريشن شروع ڪيو ويو آهي.
خيبرپختونخوا حڪومت جي سڌ سماءُ بابت صلاحڪار بئريسٽر سيف چيو ته هو سي ايم ايڇ ٽل ۾ جاويد الله محسود سان موجود آهي، خدا جو شڪر آهي سندس حالت خطري کان ٻاهر آهي، ڪُرم لاءِ رواني ٿيندڙ قافلي کي في الحال روڪيو ويو آهي، حالتون ڪنٽرول ۾ آهن، صورتحال جو جائزو وٺڻ کانپوءِ قافلو روانو ڪيو ويندو.
وزيراعظم، گهرو وزير ۽ ڪي پي جي وڏي وزير جي مذمت
صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته امن دشمنن کي سندن ناپاڪ مقصدن ۾ ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين.
صدر آصف علي زرداري ڪرم ۾ فائرنگ واري واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي، صدر ڊپٽي ڪمشنر ۽ ٻين زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي ۽ امن دشمنن خلاف سخت ڪارروائي تي زور ڏنو.
آصف علي زرداري جو چوڻ حو ته عوام دشمن شرپسند وڳوڙ پکيڙڻ چاهين ٿا، عوام شرپسند عنصرن جي ناپاڪ مقصن کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏيندو.
وزيراعظم شهباز شريف به لوئر ڪرم جي علائقي بگن ۾ سرڪاري گاڏين جي قافلي تي فائرنگ جي سخت مذمت ڪئي.
وزيراعظم چيو ته امن معاهدي کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، امن امان ۾ خلل وجهڻ وارن ۽انسانيت دشمنن کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين، حڪومت ۽ سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن خلاف سرگرم آهن.
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ڪرم ۾ سرڪاري گاڏين تي فائرنگ جي مذمت ڪندي چيو ته سرڪاري قافلي تي حملو امن معاهدي کي نقصان پهچائڻ جي سازش آهي.
گهرو وزير چيو ته شرپندن فائرنگ ڪري امن معاهدي کي نقصان پهچائڻ جي ڪِريل حرڪت ڪئي، هن ڊي سي ڪرم جاويد الله محسود ۽ زخمي ايف سي اهلڪارن جي جلد صحتيابي لاءِ به دعا ڪئي.
