مدرسن جي رجسٽريشن وارو مامرو، مولانا وزيراعظم کان مدد گهري ورتي

Spread the love

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ) جمعيت علماءَ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان وزيراعظم شهباز شريف کان مردسن جي رجسٽريشن لاءِ صوبن ۾ قانون سازي ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي.
جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان وزيراعظم شهباز شريف سان ٽيلي فون رابطو ڪيو ۽ کيس مدرسن جي رجسٽريشن لاءِ صوبن ۾ قانون سازي ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪرڻ جي درخواست ڪئي.
ذريعن موجب، وزيراعظم شهباز شريف مولانا فضل الرحمان کي قانون سازي لاءِ حمايت جي خاطري ڪرائي، ان دوران وزيراعظم چيو ته هو مدرسن جي رجسٽريشن بابت صوبن ۾ قانون سازي لاءِ وڏن وزيرن سان رابطو ڪندو.

جنوري 3, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو