بارڊر – گواسڪر ٽرافي: ڪرڪيٽ آسٽريليا جو ڀارت خلاف آخري ٽيسٽ کان اڳ اهم فيصلو

Spread the love

سڊني( ويب ڊيسڪ) آسٽريليا بارڊر گواسڪر ٽرافي سيريز جي پنجين ۽ آخري ٽيسٽ جي پليئنگ اليوَن مان آف فارم آل رائونڊر مچل مارش کي ڊراپ ڪري ڇڏيو.
ڪپتان پيٽ ڪمنز آخري ٽيسٽ جي پليئنگ اليون جي تصديق ڪئي، مچل مارش جي جاءِ تي آل رائونڊر بيو ويب اسٽَر ڀارت خلاف آسٽريليا جي 469 هين رانديگر طور سڊني ٽيسٽ ۾ ڊيبيو ڪندو.
آخري ٽيسٽ مان ڊراپ ڪيل مچل مارش سيريز ۾ 10.42 جي اوسط سان 73 رنز ٺاھيون.
ٻئي پاسي فاسٽ بالر مچل اسٽارڪ چيلهه ۾ تڪليف هئڻ باوجود سيريز جي آخري ٽيسٽ ميچ کيڏڻ لاءِ تيار آهي.
ڪپتان پيٽ ڪمنز چيو ته مچل اسٽارڪ کي ڪڏهن به هي ٽيسٽ ميچ مس نه ڪرڻي هئي.
واضح رهي ته بارڊر گواسڪر ٽرافي جو آخري ٽيسٽ سڀاڻي سڊني ڪرڪيٽ گراونڊ ۾ شروع ٿيندي، پنجن ٽيسٽ ميچز جي سيريز ۾ آسٽريليا کي ٻه هڪ جي سرسي حاصل آهي.

جنوري 2, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو