دهشتگردي جي ناسور کي چٿڻ لاءِ سڀني کي گڏ ٿيڻو پوندو: وزيراعظم

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته دهشت گردي کي چٿڻ کانسواءِ پاڪستان اڳتي نه وڌي سگهندو، دهشتگردي جي ناسور کي ختم ڪرڻ لاءِ سڀني کي گڏجي هڪ صفحي تي اچڻو پوندو.
ايس آءِ ايف سي جي اپيڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ذاتي پسند ۽ ناپسند کان مٿانهان فيصلا ڪيا ويا ته ڪاميابي حاصل ٿيندي، دهشتگردي جي خاتمي لاءِ سيڪيورٽي فورسز روزاني بنياد تي شهادتون ڏئي رهيون آهن.
هن پارا چنار امن معاهدي تي سڀني ڌرين کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته پارا چنار ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو اهو نه ٿيڻ گهرجي ها، اهڙو واقعو قيامت تائين نه ٿيڻ گهرجي.
سندس چوڻ هو ته معاشي استحڪام سياسي استحڪام سان جڙيل آهي، بجلي سستي ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪيو پيو وڃي، بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي آئي آهي، مهانگائي جي شرح گهٽي آهي، اسٽاڪ ايڪسچينج تاريخ جي بلند ترين سطح تي آهي.
وزيراعظم چيو ته 9 مهينن ۾ حڪومت اندروني ۽ ٻاهرين بحرانن کي منهن ڏنو، گڏيل سهڪار ۽ گڏيل ڪوششن سان چيلينجز جو مقابلو ڪيو، سينٽرل ايشيا جي رياستن سان اسان جا بهتر لاڳاپا آهن، سڀ چاهين ٿا ته پاڪستان سان رابطا وڌن، سعودي عرب، يو اي اِي ۽ قطر سان ايم او يو تي صحيحون ڪيون ويون آهن.

جنوري 2, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو