” هي بالر ڪم جو ناهي“ مصباح الحق به محمد عباس جي مخالفت ڪئي!

ڪراچي (ويب ڊيسڪ )پاڪستان ٽيم جي اڳوني ٽيسٽ ڪرڪيٽر توصيف احمد انڪشاف ڪيو آهي ته اڳوڻو ڪپتان مصباح الحق محمد عباس جي ٽيم ۾ شموليت جي خلاف هو.
نجي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي اڳوڻي آف اسپنر توصيف احمد چيو ته 2017 ۾ ويسٽ انڊيز جي دوري لاءِ سليڪشن ڪميٽي ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ ۾ 71 حاصل ڪندڙ محمد عباس کي اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو.
هن چيو ته محمد عباس جي شموليت تي مصباح الحق تڏوهوڪي هيڊ ڪوچ مڪي آرٿر کي چيف سليڪٽر انضمام الحق وٽ وٺي ويو.
مصباح چيف سليڪٽر انضمام الحق کي چيو ته عباس جي رفتار گهٽ آهي، جنهن تي انضمام الحق چيو ته محمد عباس ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ ۾ شاندار ڪارڪردگي ڏيکاري آهي، هاڻي اوهان کي کيس ويسٽ انڊيز وٺي وڃڻو پوندو.
توصيف احمد ٻڌايو ته ان مرحلي تي پوري سليڪشن ڪميٽي جنهن ۾ هو پاڻ، وجاهت الله واسطي ۽ وسيم حيدر شامل هئا سڀني چيف سليڪٽر انضمام الحق سان مشاورت ڪري ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو هو ته محمد عباس کي ويسٽ انڊيز دوري لاءِ ٽيم ۾ شامل ڪرڻ گهرجي.