بابر اعظم دنيا جي بدترين بيٽرز جي فهرست ۾ شامل

سنچورين (ويب ڊيسڪ) سنچورين ۾ ڏکڻ آفريڪا خلاف پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ به بابر اعظم جي بيٽ خاموش آهي.
ٽيسٽ اسڪواڊ ۾ واپسي تي اڳوڻو ڪپتان ڏکڻ آفريڪا خلاف پهرين اننگز ۾ آئوٽ ٿيڻ کان اڳ رڳو چار رنسون ٺاهي سگهيو، جنهن بعد هو دنيا جي بدترين بيٽرز جي فهرست ۾ شامل ٿي ويو.
بابر اعظم هلندڙ سال دنيا جي ٽاپ 7 بيٽرز ۾ سڀ کان گهٽ ايوريج رکندڙ بيٽر بڻجي ويو آهي.
ڪيئي ورهين تائين قومي بيٽنگ لائين جو بار پنهنجي ڪلهن تي کڻندڙ بابر اعظم ڊگهي فارميٽ ۾ خراب ڪارڪردگي سبب اڄڪلهه ڇتي تنقيد کي منهن ڏئي رهيو آهي.
هلندڙ سال بابر اعظم رڳو 19.77 جي ايوريج سان 356 رنسون ٺاهي سگهيو، جنهن سبب سندس چاهيندڙ ۽ تجزيه نگار حيرت جو اظهار ڪري رهيا آهن.
ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ ٽاپ 7 بيٽرز ۾ رڳو بنگلاديش جي ذاڪر حسين جي ان عرصي دوران بابر اعظم کان گهٽ ايوريج آهي.